وزيراعظم پاران پهرين پوزيشن حاصل ڪرڻ تي ڪرڪيٽ کي مبارڪون

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 23اگست 2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف انٽرنيشنل ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ پهرين پوزيشن حاصل ڪرڻ تي پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي انتظاميا، قومي ڪرڪيٽ ٽيم ۽ قوم کي مبارڪباد ڏني آهي. وزيراعظم هائوس موجب ڪالهه اڱاري ڏينهن هڪ پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته حقيقت ۾ هي اسان جي لاءِ قومي فخر جو لمحو آهي، اسان جي ڪرڪيٽ ٽيم ثابت ڪيو آهي ته هو دنيا جي بهترين ڪرڪيٽ ٽيم آهي.

وزيراعظم محمد نواز شريف چيو ته مصباح الحق جي ڪپتاني ۾ ڪرڪيٽ ٽيم گذريل ٽيسٽ مئچن دوران شاندار پيشيواراڻي مهارت ۽ ٽيم ورڪ جو مظاهرو ڪيو. اسان اميد ڪريون ٿا ته سندس شاندار ڪارڪردگي ان ئي جذبي سان جاري رهندي ۽ قومي ٽيم ايندڙ وقت ۾ ملڪ جي لاءِ وڌيڪ ڪاميابيون ماڻيندي.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو