سينيٽ جي قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 23اگست 2016ء) سينيٽ جي قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي سپريم ڪورٽ ۾ ججن جو انگ وڌائڻ وارو بل رد ڪري ڇڏيو آهي. ڪميٽي قومي احتساب بيورو (نيب) ۾ ملازمت جي قانون جو جائزو وٺڻ لاءِ ذيلي ڪميٽي پڻ ٺاهي آهي. سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر محمد جاويد عباسي جي صدارت ۾ ڪالهه اڱاري تي ٿيو جنهن ۾ سينيٽر سعيد غني پاران پيش ڪيل بل تي بحث ٿيو. ڪميٽي جي چيئرمين نيب ملازمن جي قانونن جو جائزو وٺڻ لاءِ سينيٽر فاروق ايڇ نائيڪ جي سربراهي ۾ 3 رڪني ذيلي ڪميٽي جوڙي آهي جنهن ۾ سينيٽر نهال هاشمي ۽ سينيٽر بيريسٽر سيف شامل آهن، ذيلي ڪميٽي نيب قانون، ٽي سي ايس تي غور ڪري ڪميٽي کي آگاهه ڪندي. اجلاس دوران سينيٽر بابر اعواڻ پاران پيش ڪيل بل، جنهن ۾ چيو ويو هو ته سپريم ڪورٽ ۾ ججن جو انگ وڌايو وڃي، ان تي غور ڪيو وڃي. اجلاس دوران سينيٽر بابر اعواڻ شرڪت نه ڪئي جڏهن ته 5 ميمبرن ان جي مخالفت ڪئي، هڪ ميمبر ان جي حق ۾ ووٽ ڏنو جنهن تي ڪميٽي ڊاڪٽر بابر اعواڻ جو پيش ڪيل بل رد ڪري ڇڏيو.

اجلاس دوران سينيٽر ڊاڪٽر ڪريم احمد خواجه پاران سمورين علائقائي زبانن جي حوالي سان پيش ڪيل بل کي پڻ غور هيٺ آندو ويو. ان موقعي تي قانون واي وفاقي وزير زاهد حامد ڪميٽي کي ٻڌايو ته ان معاملي ۾ ترميم ڪرڻ جي ضرورت نه آهي جڏهن ته ڊاڪٽر ڪريم احمد خواجه چيو ته اسان جي آئين ۾ زبانن جو ذڪر نه آهي، اسان کي علائقائي زبانن کي تحفظ ڏيڻ جي ضرورت آهي جنهن تي ڪميٽي جي چيئرمين چيو ته ايندڙ اجلاس ۾ ان بل تي غور ڪيو ويندو. اجلاس ۾ ڪميٽي جو چيئرمين سينيٽر محمد جاويد عباسي، قانون ۽ انصاف وارو وفاقي وزير زاهد حامد، سينيٽر سليم ضياءَ، سينيٽر اعتزاز احسن، سينيٽر ڊاڪٽر محمد علي خان سيف، سينيٽر نهال هاشمي، سينيٽر عائشه رضا فاروق، سينيٽر سعيد غني، سينيٽر زاهده خان، سينيٽر فاروق ايڇ نائيڪ، سينيٽر ڪريم احمد خان خواجه ۽ سينيٽر محمد اعظم خان سواتي شرڪت ڪئي.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو