قومي اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 18اگست 2016ء) پاڻي ۽ بجلي جي سيڪريٽري يونس ڍاگا پبلڪ اڪائونٽس کي آگاهه ڪيو آهي ته سمورين پاور ڊسٽريبيوشن ڪمپنين (ڊسڪوز) جي باقيدارن ڏانهن 365 ارب رپيا آهن. ڪالهه خميس ڏينهن مخالف ڌر اڳواڻ سيد خورشيد شاهه جي صدارت ۾ پي اي سي جي اجلاس ۾ پاڻي ۽ بجلي واري وزارت نيشنل هيلٿ سروسز اينڊ ريگيوليشنز جي مالي سال 13 – 2012ع ۽ 14 – 2013ع جي آڊٽ اعتراضن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ پاڻي ۽ بجلي واري سيڪريٽري ٻڌايو ته اوور بلنگ جون اڪثر شڪايتون لاهور اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني جي خلاف آهن. هن ٻڌايو ته ميٽرن جي تصويرن وسيلي ورتل ۽ حقيقي ريڊنگ بابت پڻ شڪايتون مليون آهن. ڪميٽي جي ميمبر شفقت محمود اجلاس ۾ اوور بلنگ جو معاملو اٿاريو. جنيد انور ۽ ٻين ميمبرن چيو ته بجلي چوري لاڳاپيل عملدارن جي ملي ڀڳت کانسواءِ ممڪن نه آهي. پاڻي ۽ بجلي واري سيڪريٽري يونس ڍاگا چيو ته اداري جي سرڪاري عملدارن جي ملي ڀڳت کانسواءِ اهو ممڪن نه آهي.

پي اي سي بجلي چوري ۽ اوور بلنگ جو معاملو ايندڙ اجلاس تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. پاڻي ۽ بجلي واري سيڪريٽري ڪميٽي کي ٻڌايو ته نندي پور پاور پراجيڪٽ کي هلندڙ سال جي آخر تائين ايل پي جي تي منتقل ڪيو ويندو ڇو ته تيل جي ٻارڻ سان پلانٽ کي نقصان ٿي رهيو آهي. هن چيو ته فرنس آئل سان پيداوار جي لاڳت 7 رپيا يونٽ جي لڳ ڀڳ آهي، اهو پلانٽ 300 ميگاواٽ پيدا ڪري رهيو آهي جڏهن ته ان جي ڪل سگهه 425 ميگاواٽ آهي. ڪميٽي جي چيئرمين چيو ته اسلام آباد ۾ گرينڊ حيات هوٽل جو اسڪينڊل سڀني کي جاڳائڻ جي لاءِ ڪافي آهي. هن نيشنل ڪائونسل فار هوميوپيٿي بابت ايف آءِ اي جي انڪوائري بند ڪرڻ جي حوالي سان پي اي سي سيڪريٽريٽ کي هدايت ڪئي ته ان معاملي تي گهرو وزار کي خط لکيو وڃي. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 20:36

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو