پرويز رشيد پاران ڪراچي ۾ ڊان نيوز جي وين تي فائرنگ واقعي جي مذمت

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 18اگست 2016ء) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري وفاقي وزير سينيٽر پرويز رشيد ڪراچي ۾ ڊان نيوز ٽي وي چينل جي وين تي فائرنگ جي واقعي جي سخت مذمت ڪئي آهي. ڪالهه خميس ڏينهن جاري بيان موجب اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته اهڙي قسم جا حملا اظهار راءِ جي آزادي تي حملو تصور ڪريون ٿا ۽ حڪومت جي لاءِ ناقابل قبول آهي.

هن چيو ته وفاقي حڪومت صوبائي حڪومتن جي مدد سان ميڊيا سان لاڳاپيل ماڻهن جي حفاظت ۽ سلامتي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻي رهي آهي. وفاقي وزير چيو ته صوبائي حڪومت کي ان جو فوري نوٽيس وٺندي ذميوارن جي خلاف ڪارروائي ڪرڻ گهرجي. هن واقعي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو