وفاقي ڪابينا جو اجلاس، وزيراعظم پاران دهشتگردي جي متاثرين جي لاءِ ٺوس پاليسي جوڙڻ جي هدايت

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 18اگست 2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف دهشتگردي جي متاثرين جي لاءِ ٺوس پاليسي جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي جيڪا مارجي ويندڙن جي خاندانن جي لاءِ آمدني، تعليم ۽ روزگار جو پئڪيج رکندڙ هجڻ گهرجي. هن اها هدايت ڪالهه خميس ڏينهن هتي وفاقي ڪابينا جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني. قرآن پاڪ جي تلاوت کانپوءِ وفاقي ڪابينا ڪوئيٽا ۾ دهشتگردي جي تازي واقعي ۾ مارجي ويلن جي لاءِ فاتحه خواني ڪئي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته سڄي ملڪ ۾ دهشتگردي جي متاثرين جي لاءِ ٺوس پاليسي جوڙي وڃي، اها پاليسي مارجي ويلن جي خاندانن لاءِ ٺوس آمدني، تعليم ۽ روزگار جو پئڪيج رکندڙ هجڻ گهرجي، اها پاليسي غور جي لاءِ ايندڙ ڪابينا جي اجلاس ۾ پيش ڪئي ويندي. پاڪ چين اقتصادي لنگهه بابت تفصيلي بريفنگ دوران وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڀريو ته پروگرام ۾ شامل منصوبا حڪومت جي اولين ترجيح آهن تنهن ڪري وقت سر اڳڀرائي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون وڃن. منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وزارت کي هدايت ڪئي وئي آهي ته اها توانائي ۽ بنيادي ڍانچي جي شعبن ۾ اولين منصوبن کي 18 – 2017ع تائين مڪمل ڪرڻ کي يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته بجلي جي موجوده شارٽ فال ۽ آئنده جي طلب کي پورو ڪرڻ جي لاءِ انهن منصوبن تي تيز اڳڀرائي ضروري آهي. هن چيو ته ارلي هارويسٽ منصوبا 2018ع تائين مڪمل ٿيڻ سان گرمي جي موسم تائين لوڊشيڊنگ جي خاتمي ۾ تمام گهڻي مدد ٿيندي. وزيراعظم محمد نواز شريف چيو ته پاڪ چين اقتصادي لنگهه جي اولهندي روٽ تي نمايان اڳڀرائي ٿي رهي آهي، مقامي آبادي جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ٿيندا جن سان اقتصادي سرگرمي جنم وٺندي ۽ قومي دولت ۾ اضافو ٿيندو. هن چيو ته سي پيڪ سان انتهائي پٺتي پيل علائقن سميت پاڪستان جي مختلف حصن ۾ هڪ جهڙا فائدا يقيني بڻجندا، ان سان نه رڳو پاڪستان جي 20 ڪروڙ عوام واڳيل هوندي پر پوري خطي جي عوام، ڪميونٽيز ۽ رياستن جي وچ ۾ تعاون جا رستا به کلندا. ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته سي پيڪ تحت ڪل ڪاٿي جي نمايان حصي تي عمل ٿي رهيو آهي جڏهن ته باقي پائيپ لائين ۾ آهي. وزيراعظم ٿرڪول منصوبي جي لاءِ پنهنجي ڀرپور حمايت جو اظهار ڪندي چيو ته جيڪڏهن 60 سال اڳ ان جي صلاحيت مان فائدو کنيو وڃي ها ته قوم هن وقت توانائي برآمد ڪندڙ هجي ها. گوادر پورٽ پراجيڪٽ ۽ ان سان لاڳاپيل انفراسٽرڪچر سهولتن تي هيستائين ٿيندڙ اڳڀرائي جو پڻ اجلاس ۾ جائزو ورتو ويو. وزيراعظم لاڳاپيل ادارن کي گوادر هوائي اڏي ۽ ايسٽرن ايڪسپريس وي تي جلد کان جلد ڪم شروع ٿيڻ تي اڳڀرائي ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

هن چيو ته گوادر جي ٽيڪنيڪل اينڊ ووڪيشنل ٽريننگ انسٽيٽيوٽ تي ڪم تيز بنيادن تي ڪيو وڃي ۽ جيترو جلد ممڪن ٿي سگهي ان کي فعال بڻايو وڃي. وزيراعظم لاڳاپيل وزارتن کي هدايت ڪئي ته پن بجلي منصوبن جي لاءِ زمين حاصل ڪرڻ جي عمل کي تيز ڪندي توانائي ۽ بنيادي ڍانچي کي اجزاءَ سميت اقتصادي ترقي جي لاءِ اڳواٽ حڪمت عملي اختيار ڪئي وڃي ته جيئن ايندڙ نسل جون ضرورتون پوريون ٿين. ڪابينا سرڪاري ملازمن کي رٽائرمينٽ کان اڳ رهائش يا پلاٽن جي فراهمي جي مقصد تحت نجي شعبي جي حصيداري سان لينڊ ڊولپمينٽ جي لاءِ جوائنٽ وينچر پاليسي جي حوالي سان هائوسنگ ۽ ورڪس ڊويزن جي سمري جي اصولي منظوري ڏيندي پاليسي رهنما اصولن کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ هڪ ڪميٽي جوڙي ڇڏي. اها پاليسي وفاقي حڪومت جي هڪ لک ملازمن کي پلاٽن جي فراهمي رکندڙ آهي. هائوسنگ ۽ اڏاوتن واري وزير اڪرم دراني، گهرو وزير چوڌري نثار علي خان ۽ قانون واري وزير زاهد حامد تي ٻڌل هوندي ۽ اها ڪنهن ٻئي ميمبر کي ان ۾ شامل ڪري سگهي ٿي. اها ڪميٽي ڪابينا کي پنهنجي رپورٽ پيش ڪندي. ڪابينا پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ دفاعي پيداوار جي مفاهمت جي ياداشت جي منظوري ڏئي ڇڏي. پاڪستان ۽ جاپان ”جائيڪا“ جي وچ ۾ توانائي جي شعبن جي سڌارن جي پروگرام ٽو جي لاءِ قرض معاهدي تي صحيحن جي پڻ منظوري ڏئي ڇڏي. ڪابينا سرڪاري شعبي جي آڊيٽنگ ۾ تعاون جي حوالي سان مليشيا جي نيشنل آڊٽ ڊپارٽمينٽ ۽ پاڪستان جي آڊيٽر جنرل آفيس جي وچ ۾ مفاهمت جي ياداشت تي ڳالهين جي اصولي منظوري ڏني. ان کانسواءِ سرڪاري شعبي جي آڊيٽنگ ۾ تعاون جي حوالي سان ويٽنام جي اسٽيٽ آڊٽ آفيس ۽ سپريم آڊٽ انسٽيٽيوشنز آف پاڪستان جي وچ ۾ ٻطرفي مفاهمت جي ياداشت تي صحيحن جي پڻ منظوري ڏني وئي. ڪابينا اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان ۽ روس جي سينٽرل بئنڪ جي وچ ۾ بئنڪاري نگراني تعاون بابت پڻ مفاهمت جي ياداشت تي صحيحن جي لاءِ ڳالهيون شروع ڪرڻ جي منظوري ڏني. پاڪستان ۽ ترڪمانستان جي وچ ۾ سفارتي پاسپورٽ رکندڙن جي ويزا وارو نظام ختم ڪرڻ جي معاهدي تي پڻ صحيحن جي منظوري ڏني وئي. پاڪستان ۽ قزاخستان جي وچ ۾ ڏوهارين جي مٽاسٽا بابت معاهدي تي صحيحن جي پڻ منظوري ڏني وئي. پاڪستان ۽ ڪينيا جي وچ ۾ غيرقانوني اچ وڃ ۽ منشيات جي روڪٿام ۾ تعاون بابت مفاهمت جي ياداشت تي صحيحون ڪرڻ بابت ڳالهيون شروع ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏني وئي.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو

وڌيڪ مضمون