چين جي پرڏيهي وزير وانگ ئي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي اسلام آباد پهچي ويو

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 24جون2017ء) چين جي پرڏيهي وزير وانگ ئي ڪالهه ڇنڇر ڏينهن ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي اسلام آباد پهچي ويو آهي. پنجاب جي وڏي وزير شهباز شريف نور خان ايئربيس تي معزز مهمان جو استقبال ڪيو.

ٻه ڏينهن رهڻ دوران چين جو پرڏيهي وزير پاڪستاني قيادت سان ملاقاتون ڪندو. ملاقاتن ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ خطي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿيندي. پاڪستان اعليٰ عملدارن سان ملاقاتن ۾ ٻطرفن لاڳاپن سميت افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي حوالي سان پڻ ڳالهيون ٿينديون. چين جو پرڏيهي وزير افغانستان جو دورو ڪرڻ کانپوءِ ڪالهه ڇنڇر ڏينهن پاڪستان پهتو آهي.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو