سينيٽ چيئرمين پاران ڪوئيٽا بم ڌماڪي جي مذمت

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 23جون2017ء) سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني ڪوئيٽا ۾ ٿيندڙ بم ڌماڪي جي شديد مذمت ڪئي آهي ۽ ان کي بزدلاڻي ڪارروائي قرار ڏيندي چيو آهي ته دهشتگرد افراتفري پکيڙي ترقي جي عمل کي روڪڻ چاهين ٿا جنهن ۾ هو ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا. جمعي ڏينهن پنهنجي هڪ بيان ۾ هن ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙن جي پوئينرن سان همدردي جو اظهار ڪيو ۽ شهيدن جي بلند درجن ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي.

ان کانسواءِ سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين مولانا عبدالغفور حيدري، سينيٽ ۾ قائدايوان راجا ظفر الحق ۽ مخالف ڌر اڳواڻ چوڌري اعتزاز احسن به ڪوئيٽا بم ڌماڪي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي شهيدن جي ايصال ثواب لاءِ دعا ڪئي جڏهن ته پوئينرن سان همدردي جو اظهار ڪيو. هنن زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ به دعا ڪئي۔

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو