قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر پاران ڪوئيٽا بم ڌماڪي جي مذمت

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 23جون2017ء) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق ۽ ڊپٽي اسپيڪر مرتضيٰ جاويد عباسي شهداءِ چوڪ ڪوئيٽا ۾ بم ڌماڪي جي شديد لفظن ۾ مذمت ڪندي ان ۾ قيمتي انساني جانين جي ضايع ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.

جمعي ڏينهن پنهنجي ڌار ڌار پيغامن ۾ هنن ڪوئيٽا بم ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙ بي گناهه ماڻهن جي پوئينرن سان دلي تعزيت ۽ همدردي جو اظهار ڪيو ۽ انهن جي ايصال ثواب ۽ بلند درجن لاءِ دعا ڪئي. هنن زخمين کي هر ممڪن علاج جي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي به هدايت ڪئي.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو