بي سهارن، يتيمن جي (بحالي، فلاح ۽ ڀلائي) وارو بل ڪميٽي حوالي، 30 ڏينهن ۾ رپورٽ طلب

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز 02 -اگست2016 ء) قومي اسيمبلي ۾ بي سهارن، يتيمن جي (بحالي، فلاح ۽ ڀلائي) وارو بل 2016ع سينيٽ مان منظور ٿيل صورت ۾ غور هيٺ آڻڻ جي رٿ منظور ڪندي ان تي 30 ڏينهن ۾ رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي. ڪالهه اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ ڊاڪٽر شازيه ثوبيه رٿ پيش ڪئي ته بي سهارن، يتيمن جي (بحالي، فلاح ۽ ڀلائي) وارو بل 2016ع سينيٽ مان منظور ٿيل صورت ۾ غور هيٺ آندو وڃي، قانون واري وزير زاهد حامد چيو ته بل ڪميٽي جي حوالي ڪيو وڃي، سيد نويد قمر چيو ته بل ڀلي ڪميٽي جي حوالي ڪيو وڃي پر ڪميٽي کي هدايت ڪئي وڃي ته ان سيشن جي دوران رپورٽ مڪمل ڪئي وڃي.

وفاقي وزير زاهد حامد رٿ پيش ڪئي ته بل کي وڌيڪ غور جي لاءِ لاڳاپيل ڪميٽي جي حوالي ڪيو وڃي، قومي اسيمبلي رٿ منظور ڪندي ان هدايت سان بل ڪميٽي کي موڪلي ڇڏيو ته بل تي 30 ڏينهن ۾ غور مڪمل ڪري رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪئي وڃي.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو