زنا ۽ ڏاڍ جي روڪٿام بابت بل واپس

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز 02 -اگست2016 ء) زنا ۽ ڏاڍ جي روڪٿام واري قانونن (فوجداري قانونن) بل 2016ع محرڪ واپس وٺي ڇڏيو، ڪالهه اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ نعيمه ڪشور خان رٿ پيش ڪئي ته زنا ۽ ڏاڍ جي روڪٿام (فوجداري

قانونن) (ترميمي) بل 2016ع پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي، قانون واري وزير زاهد حامد چيو ته ان حوالي سان بل پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ اتفاق راءِ سان پيش ڪرڻ تي اتفاق ٿي ويو آهي، هي واپس ورتو وڃي، محرڪ بل واپس وٺي ڇڏيو.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو