فوجداري قانون (ترميمي) بل 2014ع گڏيل اجلاس ۾ آڻڻ تي اتفاق

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز 02 -اگست2016 ء) فوجداري قانون (ترميمي) بل 2014ع پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ آڻڻ تي اتفاق راءِ کانپوءِ محرڪ بل واپس وٺي ڇڏيو.

ڪالهه اڱاري ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ شائسته پرويز ملڪ رٿ پيش ڪئي ته فوجداري قانون (ترميمي) بل 2014ع فوري طور تي غور هيٺ آندو وڃي، قانون واري وزير زاهد حامد چيو ته هي بل پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ۾ آڻڻ تي اتفاق راءِ ٿي ويو آهي، فاضل ميمبر پنهنجي رٿ تي زور نه ڏنو ۽ بل واپس وٺي ڇڏيو.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو