نواب شاهه (پاکستان نیوز پوائنٹ 17فروری2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف سيوهڻ شريف سانحي جي متاثرين سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ جمعي ڏينهن نوابشاهه پهتو، ان سانحي ۾ 80 کان وڌيڪ ماڻهو شهيد ٿيا هئا، ناڻي وارو وزير
اسحاق ڊار ۽ قومي سلامتي جو صلاحڪار ليفٽيننٽ جنرل (ر) ناصر خان جنجوعه وزيراعظم سان گڏ هئا، نوابشاهه ايئرپورٽ تي وزيراعظم جو استقبال سنڌ جي گورنر محمد زبير ۽ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪيو.