وزيراعظم پاران قلندر سانحي ۾ زخمي ٿيندڙ جي عيادت

نوابشاهه (پاکستان نیوز پوائنٹ 17فروری2016ء) وزيراعظم محمد نواز شريف درگاهه لعل شهباز قلندر جي سانحي ۾ زخمي ٿيندڙ ماڻهن جي عيادت لاءِ پيپلز ميڊيڪل اسپتال نوابشاهه جو دورو ڪيو، سانحي ۾ 80 کان وڌيڪ شهيد ٿي ويا هئا، بري فوج جي سربراهه جنرل قمر باجوه، ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار، گهرو وزير چوڌري نثار علي خان، سنڌ جو گورنر زبير احمد، سنڌ جو وڏو وزير مراد علي شاهه، سينئر سياسي ۽ انتظامي عملدار وزيراعظم سان گڏ هئا، اسپتال جي ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽ وزيراعظم کي اسپتال ۾ آندل زخمين ۽ انهن جي علاج بابت آگاهه ڪيو، وزيراعظم اسپتال جي مختلف وارڊن جو دورو ڪيو، زخمين سان ملاقات ڪئي ۽ کين هر ممڪن بهتر علاج جو يقين ڏياريو.

هن واقعي جي مذمت ڪئي ۽ قيمتي جانين جي نقصان تي ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. هن چيو ته سنگين ڏوهن ۾ ملوث ڏوهارين کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو