قومي اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 17فروری2016ء) قومي اسيمبلي جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس جمعي ڏينهن هتي پارليامينٽ هائوس ۾ ڪميٽي جي ڪنوينر شاهده اختر علي جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ ڪيڊ ۽ زڪوات ۽ عشر جي 14 -2013ع جي آڊٽ اعتراضن جو جائزو ورتو ويو، آڊٽ عملدارن ڪميٽي کي ٻڌايو ته 18 هين ترميم کانپوءِ زڪوات واري وزارت صوبن ڏانهن منتقل ٿي وئي آهي، جڏهن ته صرف گادي واري شهر ۾ زڪوات جي ورڇ وفاق جي ذميداري آهي، ڪيڊ واري سيڪريٽري ڪميٽي کي ٻڌايو ته 14 -2013ع ۾ زڪوات جي ورڇ چيف ڪمشنر جي ذميداري هئي، پي اي سي جي سامهون به ان کي پيش ٿيڻ گهرجي، ان کي ٻڌائي ڇڏيو هو ته اسان وٽ رڪارڊ موجود نه هو، ڪميٽي جي ڪنوينر شاهده اختر علي چيو ته زڪوات بابت 7 آڊٽ اعتراض التوا جو شڪار آهن، ان معاملي تي ڪميٽي جي ايندڙ اجلاس ۾ گهرو سيڪريٽري کي طلب ڪيو ويندو.

ڪيڊ واري وزارت جي آڊٽ اعتراضن جي جائزي دوران آڊٽ پاران ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته ڊيپوٽيشن تي ايندڙ 11 ملازمن کي هيلٿ الائونس ضابطي خلاف ڏنو ويو، فنانس پاران ٻڌايو ويو ته اهو معاملو عدالت ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي، عدالت ڪيڊ سيڪريٽري کي حڪم ڏنو هو ته ان حوالي سان واضح حڪم نامو جاري ڪيو وڃي ته الائونس کي ڪنهن کي ملندو ۽ ڪنهن کي نه ملندو، اهو الائونس صرف ٽن اسپتالن پمز، پولي ڪلينڪ ۽ نيرم ۾ ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊيڪل اسٽاف کي رسڪ الائونس جي طور تي ڏنو ويو هو ڇاڪاڻ جو هو پنهنجي صحت تي داءُ تي لڳائي خطرناڪ مريضن جو علاج ڪندا آهن پر وزراتن ۾ ڪم ڪندڙ ماڻهن به اهو وٺڻ شروع ڪري ڇڏيو، ڪيڊ واري سيڪريٽري چيو ته عدالت جي حڪم تي ڪيڊ واري اڳوڻي سيڪريٽري آڊر جاري ڪري ڇڏيو هو، ڪميٽي هدايت ڪئي ته جن ماڻهن ناجائز هيلٿ الائونس ورتو آهي انهن کان روڪوري ڪري پي اي سي کي رپورٽ پيش ڪئي وڃي.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو