حڪومت قبائلي علائقن کي ملڪ جي ٻين حصن جي برابر آڻڻ جي لاءِ ٺوس سڌارا آڻي رهي آهي: صدر ممنون حسين

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 30اگست 2016ء) صدر ممنون حسين چيو آهي ته حڪومت قبائلي علائقن کي ملڪ جي ٻين حصن جي برابر آڻڻ جي لاءِ ٺوس سڌارا آڻي رهي آهي. اها ڳالهه ايوان صدر ۾ فاٽا سڌارن تي ڏنل پريزنٽيشن جي صدارت ڪندي چئي. ان موقعي تي قانون وارو وفاقي وزير زاهد حامد، سيفران وارو وفاقي وزير عبدالقادر بلوچ، وزيراعظم جو پرڏيهي معاملن وارو صلاحڪار سرتاج عزيز، خيبرپختونخواهه جو گورنر اقبال ظفر جهڳڙا ۽ قومي سلامتي وارو صلاحڪار نصير خان جنجوعه پڻ موجود هئا. صدر چيو ته فاٽا ۾ سڌارا قبائلي عوام جي امنگن موجب هجڻ گهرجن. صدر چيو ته قبائلي عوام محب وطن آهي ۽ هن دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ تمام گهڻيون قربانيون ڏنيون آهن. صدر چيو ته حڪومت فاٽا جي عوام کي اڪيلو نه ڇڏيندي ۽ انهن کي به ملڪ جي ٻين شهرين وانگر بنيادي سهولتون يقيني بڻائيندي.

صدر وڌيڪ چيو ته فنڊن جي موثر استعمال ۽ بدعنواني جي روڪٿام جي لاءِ چيڪ اينڊ بيلنس جو ٺوس نظام پڻ هجڻ گهرجي ته جيئن ترقياتي عمل موثر طريقي سان اڳيان وڌي. صدر ممنون حسين چيو ته حڪومت قبائلي عوام جي پنهنجي علائقن ۾ باعزت واپسي جي لاءِ پرعزم آهي، ان سلسلي ۾ حڪومت قبائلي علائقن ۾ انفراسٽرڪچر جي تعمير ۽ ماڻهن جي ڀلائي جي لاءِ قدمن جي شروعات ڪئي آهي. پريزنٽيشن دوران صدر کي ٻڌايو ويو ته فاٽا سڌارن واري ڪميٽي سمورين ڌرين سميت قبائلي علائقن جي پارلياماني نمائندن جي راءِ پڻ ورتي وئي آهي. صدر فاٽا سڌارن واري ڪميٽي جي ڪم کي ساراهيو ۽ ان اميد جو اظهار ڪيو ته اها ڪميٽي علائقي جي عوام جي مسئلن جي حل ۾ مددگار ثابت ٿيندي.

گوگل پلس واٹساپئ تا شینک بکنیت

گیشتیرین مضمونان