سينيٽر چوڌري تنوير خان جو جادو ٽوڻي کي روڪڻ جو بل 2017ع سليڪٽ ڪميٽي جي حوالي

سينيٽر چوڌري تنوير خان جو جادو ٽوڻي کي روڪڻ جو بل 2017ع سليڪٽ ڪميٽي جي حوالي

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ20نومبر2017ء) سينيٽر چوڌري تنوير خان جي جادو ٽوڻي کي روڪڻ جو بل 2017ع سليڪٽ ڪميٽي جي حوالي ڪيو ويو آهي. ڪالهه سومر ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ ان بل جي حوالي سان چوڌري تنوير خان، مخالف ڌر اڳواڻ سينيٽر اعتزاز احسن ۽ قائد ايوان راجا ظفرالحق ڳالهايو. بل پيش ڪندڙ پنهنجي بل کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي لاءِ سليڪٽ ڪميٽي جي حوالي ڪرڻ جي تجويز سان اتفاق ڪيو جنهن تي چيئرمين بل سليڪٽ ڪميٽي ڏانهن موڪلي ڇڏيو.