پاڻي جي کوٽ انتهائي اهم معاملو آهي، ان مسئلي جو گڏجي حل ڪڍڻو پوندو: وفاقي وزير سيد جاويد شاهه

پاڻي جي کوٽ انتهائي اهم معاملو آهي، ان مسئلي جو گڏجي حل ڪڍڻو پوندو: وفاقي وزير سيد جاويد شاهه

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ20نومبر2017ء) پاڻي وسيلن واري وفاقي وزير سيد جاويد علي شاهه چيو آهي ته پاڻي جي کوٽ انتهائي اهم معاملو آهي، ان مسئلي جو گڏجي حل ڪڍڻو پوندو، 18 هين ترميم کانپوءِ اهو معاملو صوبن ڏانهن منتقل ٿي چڪو آهي، وفاقي حڪومت صوبن جي ان معاملي تي مدد ڪري سگهي ٿي پر انهن جي معاملن ۾ مداخلت نه ٿي ڪري سگهي. ڪالهه سومر ڏينهن سينيٽ ۾ سينيٽر شيري رحمان جي رٿ تي بحث سهيڙيندي هن چيو ته ان معاملي جي اهميت کان ڪير انڪار نه ٿو ڪري سگهي، ان تي پورو ايوان تفصيلي بحث ڪري. 18 هين ترميم کانپوءِ اهو صوبائي معاملو ٿي چڪو آهي، وفاقي حڪومت ان حوالي سان مدد ته ڪري سگهي ٿي پر اها صوبن جي معاملن ۾ مداخلت نه ٿي ڪري سگهي. هن چيو ته پاڻي جي مسئلي تي اسان کي مختلف انداز ۾ سوچڻ گهرجي، اهو اسان سڀني جو معاملو آهي ڪنهن مخصوص علائقي يا صوبي جو نه آهي. ان کان اڳ بحث ۾ حصو وٺندي شيري رحمان چيو ته پاڻي جي امڪاني کوت کي نظر ۾ رکندي صنعتي ۽ گهريلو استعمال جي لاءِ سامونڊي پاڻي جي کاري پڻ کي ختم ڪرڻ جي لاءِ حڪمت عملي ٺاهڻ جي ضرورت آهي. سينيٽر ڪلثوم پروين چيو ته اهو انتهائي اهم معاملو آهي، پاڻي جي کوٽ سان اسان جي مسئلن ۾ اضافو ٿيندو. سينيٽر طاهر حسين مشهدي چيو ته پاڻي جي کوٽ جي مسئلي جو فوري حل نه ڪڍيو ويو ته مستقبل ۾ صورتحال وڌيڪ سنگين ٿي ويندي. سينيٽر مير ڪبير چيو ته بلوچستان ۾ کاري پاڻي کي استعمال جوڳو بڻائڻ جي لاءِ قدم کڻڻ گهرجن. رٿ تي سينيٽر عبدالقيوم، عثمان ڪاڪڙ، سينيٽر جاويد عباسي، سينيٽر طلحيٰ محمود، سينيٽر ڪريم خواجه، سينيٽر حافظ حمدالله ۽ سينيٽر سعود مجيد پڻ ڳالهايو.