صدر ڊاڪٽر عارف علوي جي شاهه سلمان بن عبدالعزيز سان ملاقات

رياض (پاکستان پوائنٹ نیوز12دسمبر 2018ء) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سعودي گادي واري شهر رياض ۾ سعودي فرمانروا خادمين حرمين شريفين شاهه سلمان بن عبدالعزيز سان اربع ڏينهن ملاقات ڪئي آهي.

ايوان صدر پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، ٻه طرفي لاڳاپن، واپار، سيڙپڪاري ۽ اقتصادي لاڳاپن جي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي، سعودي عرب ۾ پاڪستان جو وقتي سفير ذيشان احمد ۽ جده ۾ پاڪستان جو قونصل جنرل شهريار اڪبر خان به ملاقات ۾ موجود هئا.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو