دولت مشترڪه جو 25 هون سربراهه اجلاس شروع

لنڊن (پاکستان نیوزپوائنٹ 19اپریل 2018ء) دولت مشترڪه جو 25 هون سربراهه اجلاس ڪالهه خميس ڏينهن هتي شروع ٿي ويو آهي جنهن ۾ پاڪستان جي نمائندگي شاهد خاقان عباسي ڪري رهيو آهي. ملڪه برطانيا دولت مشترڪه سربراهه اجلاس باقاعده شروع ڪيو.

دولت مشترڪه اجلاس جي حوالي سان تقريب بڪنگهم پيليس ۾ ٿي. تقريب جي ميزباني ملڪه برطانيا ڪئي. برطانيا جي ملڪه ٻئي شاهي خاندان سان گڏ مهمانن جو استقبال ڪيو. بڪنگهم پيليس ۾ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي ۽ ٻين سربراهن کي گارڊ آف آرنر پيش ڪيو ويو.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو