مختلف پاڪستاني مشنز ۾ ڪميونٽي ويلفيئر اتاشي مقرر ڪيا ويا آهن: صدرالدين شاهه راشدي

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیو ز 29۔جولائی۔2016ء) سينيٽ کي ٻڌايو ويو آهي ته سمنڊ پار پاڪستانين جي وزرات تازو ئي مختلف پاڪستاني مشنز ۾ ڪميونٽي ويلفيئر اتاشين جي مقرري ڪئي آهي، جمعي ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران سينيٽر شيخ عتيق جي سوال جي جواب ۾ سمنڊ پار پاڪستانين واري وزير پير صدر

الدين راشدي ٻڌايو ته سمنڊ پار پاڪستانين واري وزارت تازو ئي ٻاهرين ملڪن ۾ مختلف پاڪستاني مشنز ۾ ڪميونٽي ويلفيئر اتاشين جي مقرري جي منظوري ڏني آهي، 11 پنهنجي عهدن تي فائز ٿي چڪا آهن، جڏهن ته باقي اڃان وڃڻ جي مرحلن ۾ آهن، انهن جي مقرري ميرٽ تي ڪئي وئي آهي. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 15:01

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو