ڀارت پهرين جولاءِ 2011ع کان 30 جون 2016ع تائين 450 پاڪستاني مهاڻن کي گرفتار ڪيو: سرتاج عزيز

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیو ز 29۔جولائی۔2016ء) وزيراعظم جي پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار سرتاج عزيز چيو آهي ته پهرين جولاءِ 2011ع کان 30 جون 2016ع تائين 450 پاڪستاني مهاڻن کي ڀارت گرفتار ڪيو، 395 کي آزاد ڪرايو ويو آهي، انڊونيشيا جي پاڪستاني سفارتخاني ۾ 12 ماڻهن جو عملو موجود آهي، جمعي ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران سينيٽر ڪرنل (ر) سيد طاهر حسين مشهدي جي سوال جي جواب ۾ پرڏيهي معاملن واري صلاحڪار سرتاج عزيز ٻڌايو ته پهرين جولاءِ 2011ع کان 30 جون 2016ع تائين ڀارتي عملدارن پاران 450 پاڪستاني مهاڻن کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن کان گرفتاري اسان جي عمل ۾ آندي ويندي آهي ته اسان ڀارتي عملدارن سان قانوني

پهچ فراهم ڪرڻ جي درخواست ڪندا آهيون، گرفتار ڪيل انهن مهاڻن مان 395 ماهيگيرن کي آزاد ڪيو ويو آهي، 55 مان هڪ فوت ٿي ويو ۽ 8 تي منشيات جو الزام آهي، باقي جي آزادي لاءِ عمل جاري آهي، سينيٽر چوڌري تنوير خان جي سوال جي جواب ۾ پرڏيهي صلاحڪار چيو ته پاڪستان جو انڊونيشيا ۾ هڪ سفارتي مشن يعني پاڪستاني سفارتخانو آهي، جڪارتا ۾ ڪو قونصليٽ / سب مشن آهي، سفارتخاني ۾ گريڊ 21 جو آفيسر سفير آهي، هن چيو ته گريڊ 19 جو هڪ قونصلر، گريڊ 18 جو هڪ فرسٽ سيڪريٽري آهي، جڏهن ته ڪل 12 ماڻهن جو عملو موجود آهي، چوڌري تنوير جي هڪ سوال جي جواب ۾ ٻڌايو ويو ته انڊونيشيا ۾ 600 پاڪستاني رهندڙ آهن.اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 14:59

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو