سينيٽ جي ڪابينا ڊويزن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔25 جولائی۔2016) سينيٽ جي ڪابينا ڊويزن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي پاران پولي ڪلينڪ، پمز ۽ چڙيا گهر کي درپيش مسئلن سان گڏوگڏ ڊيلي ويجز ملازمن جي مستقلي جو معاملو بحث هيٺ آندو ويو ۽ ڪيڊ جي وزير کي ايندڙ اجلاس تائين مسئلا حل ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ڪالهه سومر ڏينهن سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب سينيٽر طلحيٰ محمود جي صدارت ۾ ڪابينا ڊويزن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ پمز کي درپيش مسئلن کي بحث هيٺ آڻيندي ڪميٽي جي چيئرمين چيو ته 20 هين گريڊ جي ڊاڪٽر کي نظرانداز ڪري 19 هين گريڊ جي ڊاڪٽر کي اي ڊي ڇو بڻايو ويو جنهن ڊاڪٽر جي خلاف انڪوائري ٿي رهي آهي ان کي ئي پولي ڪلينڪ جو اي ڊي بڻايو ويو. ايف آءِ اي پمز پولي ڪلينڪ اسپتال جون دوائون پشاور کان پڪڙيون. چڙيا گهر ۾ رکيل هاٿي جي بيماري ۽ خوراڪ نه ملڻ جهڙين شڪايتن تي سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي اسلام آباد چڙيا گهر جي هاٿي ڪاون کي واپس ميانمار موڪلڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. سهيلي نالي هاٿڻ جي مرڻ کانپوءِ اڪيلو هجڻ سبب ڪاون نالي هاٿي ذهني بيمار ٿي چڪو آهي، ڪميٽي ان معاملي جي پيروي ڪندي ۽ چيو ته ان هاٿي کي واپس موڪليو وڃي، ان تي ڪيڊ جي مملڪتي وزير طارق فضل چوڌري چيو ته ميڊيڪل رپورٽ پڙهڻ ۽ ٻڌڻ کانسواءِ هاٿي کي واپس موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.

اجلاس ۾ فيڊرل گورنمينٽ اسپتال جي ڪانٽريڪٽ ملازمن جي مستقلي جو معاملو غور هيٺ آندو ويو جنهن تي ڪميٽي ملازمن کي هڪ عهدو هڪ اميدوار جي فارمولي تحت مستقل ڪرڻ جي تجويز ڏني. چيئرمين سينيٽر ڪلثوم پروين ۽ پمز جي وي سي ڊاڪٽر جاويد اڪرم تي ٻڌل ٻه رڪني ڪميٽي جوڙيندي کين ملازمن سان ملاقات ڪري 15 ڏينهن ڏينهن ۾ معاملي تي رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. اجلاس ۾ ڪيڊ جي مملڪتي وزير طارق فضل چوڌري پاران ٻڌايو ويو ته حڪومت اسلام آباد چڙيا گهر جي نجڪاري ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن تحت ميٽرو بس وانگر چڙيا گهر جو انتظامي ڪنٽرول نجي شعبي کي ڏنو ويندو. مملڪتي وزير ٻڌايو ته اسلام آباد جي چڙيا گهر کي 20 مان وڌائي 80 ايڪڙ ڪيو ويندو، مملڪتي وزير چيو ته پمز اسپتال جي تباهي جو وڏو سبب شهيد ذوالفقار علي ڀٽو يونيورسٽي آهي، ان تي ڪميٽي صفائي نه ڪرڻ جي ذميوارن کي شوڪاز نوٽيس ۽ انهن جي خلاف سخت ڪارروائي جي هدايت ڪئي آهي. ڪميٽي ۾ ڪيڊ جي مملڪتي وزير چيو ته هڪ تمام سٺو ۽ قابل آفيسر ڊاڪٽر فضل مولا ايڊمنسٽريٽر پمز جي حيثيت سان مقرر ڪيو پر سپريم ڪورٽ جي حڪمن جي روشني ۾ ڊيپوٽيشن سبب کيس واپس موڪليو ويو. اي پي پي/ع – ک/ش – چ 20:04 خبر نمبر -- -- - 19

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو

وڌيڪ مضمون