سنڌ ۾ هڪ سائين جي وڃڻ ۽ ٻئي سائين جي اچڻ سان ڪو به فرق نه پوندو:سينيٽر حافظ حمدالله

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔25 جولائی۔2016) جمعيت علماءُ اسلام (ف) جي اڳواڻ سينيٽر حافظ حمد الله چيو ته سنڌ ۾ هڪ سائين جي وڃڻ ۽ ٻئي سائين جي اچڻ سان ڪو به فرق نه پوندو، عمران خان پارليامينٽ ۽ ٻين آئيني ادارن جي فيصلن کي تسليم ناهي ڪندو، هو صرف پنهنجا فيصلا تسليم ڪندو آهي، سومر ڏينهن پارليامينٽ هائوس ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته سنڌ ۾ وڏي وزير قائم علي شاهه جي تبديلي سان ڪو به فرق نه پوندو، هڪ شاهه کي تبديل ڪري ٻي شاهه کي آندو پيو وڃي، هن چيو ته وڏي وزير جي تبديلي سان ڪو به فرق نه پوندو، اهو ته وقت ئي ٻڌائيندو ته ٻئي پ پ پ جا ريموٽ ڪنٽرول آهن.

هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اڄ تائين عمران خان پارليامينٽ ۽ ٻين آئيني ادارن جا فيصلا ناهن مڃيا، عمران خان اهو فيصلو تسليم ڪندو آهي جيڪو هو پاڻ ڪندو آهي. اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 18:49

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو

وڌيڪ مضمون