سينيٽ چيئرمين پاران گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو مستقل سيڪريٽريٽ بابت رپورٽ خميس تي طلب

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 21دسمبر2016ء) سينيٽ چيئرمين ميان رضا رباني اسلام آباد ۾ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو مستقل سيڪريٽريٽ قائم ڪرڻ ۽ عملي جي مقرري جي حوالي سان اڳڀرائي بابت رپورٽ (اڄ) خميس ڏينهن طلب ڪري ورتي آهي. ڪالهه اربع ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير ميان رياض حسين پيرزاده ٻڌايو ته اهو معاملو ڪابينا جي گذريل اجلاس ۾ غور هيٺ آيو هو پر ڪو حتمي فيصلو اڃا ناهي ٿيو. گڏيل مفادن واري ڪائونسل سيڪريٽريٽ قائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي.

ڪابينا جي ايندڙ اجلاس ۾ به ان حوالي سان منظوري ڏني ويندي. هن ٻڌايو ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي سيڪريٽريٽ قائم ڪرڻ جي مالي اثرن سبب سمري ڪابينا ڏانهن موڪلي وئي، قانون واري وفاقي وزير زاهد حامد چيو ته آئين جي آرٽيڪل 154 تحت اهو بلڪل واضح آهي ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو هڪ مستقل سيڪريٽريٽ هوندو. چيئرمين چيو ته ان سلسلي ۾ خميس ڏينهن تفصيلي رپورٽ پيش ڪئي وڃي ته گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي مستقبل سيڪريٽريٽ قائم ڪرڻ جي حوالي سان هيستائين ڪهڙي اڳڀرائي ٿي آهي.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو