سينيٽ پاران ڪمپنيز (قانوني صلاحڪارن جي مقرري) (ترميمي) بل 2016ع منظور

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 21دسمبر2016ء) سينيٽ ڪمپنيز (قانوني صلاحڪارن جي مقرري) (ترميمي) بل 2016ع جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪالهه اربع ڏينهن سينيٽ جي اجلاس دوران قانون واري وفاقي وزير زاهد حامد رٿ پيش ڪئي ته ڪمپنيز (قانوني صلاحڪارن جي مقرري) (ترميمي) بل 2016ع اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ ڪيل صورت ۾ غور هيٺ آندو وڃي.

سينيٽ رٿ جي منظوري ڏئي ڇڏي جنهن کانپوءِ چيئرمين بل شقوار منظوري جي لاءِ ايوان ۾ پيش ڪيو جنهن کي منظور ڪيو ويو.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو