سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين چين جي واپاري وفد جي ملاقات

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔21 جولائی۔2016) سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين مولانا عبدالغفور حيدري سان خميس ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ اڳوڻي سينيٽر حاجي غلام علي بزنس فورم جي صدر محمد رياض خٽڪ جي سربراهي ۾ چين جي واپاري وفد سان ملاقات ڪئي.

سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين مولانا عبدالغفور حيدري کي ملاقات ۾ ٻڌايو ته چين جي ڪمپني خيبرپختونخوا صوبي ۾ پنهنجي بزنس ذريعي سيڙپڪاري ڪرڻ جي خواهشمند آهي، ان تي مولانا عبدالغفور حيدري چيني ڪمپني کي ڀليڪار چوندي چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ دوستي هماليا کان اونچي ۽ سمنڊ کان گهري آهي، هن چيو ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ هڪ سرحد آهي پر ٻئي ملڪ پاڻ ۾ ڀائر آهي، ڊپٽي چيئرمين چيو ته چيني ڪمپني پاران خيبرپختونخوا صوبي ۾ واپاري سيڙپڪاري کي هو قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو.اي پي پي/ص – ج/ش – چ/ر – م 19:03

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو