پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز۔21 جولائی۔2016) پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس خميس ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ ڪميٽي جي ڪنوينر سيد نويد قمر جي صدارت ۾ ٿيو، جنهن ۾ پي اي سي جا ميمبر جنيد انوار چوڌري، صاحبزاده نظير سلطان سميت گهرو وزارت ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي

واري وزارت جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي‏ اجلاس ۾ گهرو وزارت ۽ سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي 03 - 2002ع جي التوا هيٺ آڊٽ اعتراضن جو جائزو ورتو ويو، ڪميٽي آڊٽ اعتراض ان هدايت سان اڪلائي ڇڏيا ته وزارتن ۽ ڊويزنن کي هر قيمت تي مالياتي نظم ۽ ضبط برقرار رکڻ گهرجي.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو