پوري پاڪستاني قوم ملڪ جي دفاع لاءِ هٿياربند فوج سان گڏ بيٺل آهي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 14نومبر2016ء) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پوري پاڪستاني قوم ملڪ جي دفاع لاءِ هٿياربند فوج سان گڏ بيٺل آهي، ملڪ جي دفاع لاءِ جانين جو نذرانو ڏيندڙ شهيد فوجين کي سلام پيش ڪريون ٿا. ملڪي دفاع تي ڪو به ٺاهه نه ڪيو ويندو. ڀارت بزدل آهي ان لاءِ اهڙي طرح جون حرڪتون ڪري ٿو، ڪنٽرول لائين تي ڀارت جي هروڀرو جي فائرنگ جي سخت مذمت ڪريون ٿا. هر سطح تي ڀارت کي ڀرپور جواب ڏنو پيو وڃي، اسان جي امن پسندي کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي، جهڙي طرح پاڪستاني فوج منهن ٽوڙ جواب ڏنو آهي ان تي پوري قوم پاڪ فوج جي جوانن سان گڏ بيٺل آهي. سومر ڏينهن ڀمبر ۾ ڪنٽرول لائين تي ڀارتي جارحيت ۾ 7 پاڪستاني فوجين جي شهادت جي واقعي تي نجي ٽي وي سان خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي هن ڪنٽرول لائين تي ڀارت جي هروڀرو جي فائرنگ جي شديد مذمت ڪئي ۽ چيو ته ملڪ جي دفاع لاءِ سڄي قوم هٿياربند فوج سان گڏ بيٺل آهي، شهيدن کي خراج تحسين پيش ڪندي مملڪتي وزير چيو ته وطن جي دفاع لاءِ جانين جو نذرانو ڏيندڙ قومي هيروز کي سڄي قوم سلام پيش ڪري ٿي، هن چيو ته اسان کي پاڪ فوج تي فخر آهي، پاڪ فوج ڀارتي جارحيت جو منهن ٽوڙ جواب ڏنو آهي ۽ قوم ڀارتي جارحيت جو ڀرپور جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهي، اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير چيو ته ايل او سي تي ڀارتي جارحيت جي جواب ۾ پاڪ فوج جي ڀرپور ڪارروائي ڀارت جي لاءِ پيغام آهي ته هو انهن حرڪت کان پاسو ڪري ڇاڪاڻ جو ان جارحيت جو نقصان ڀارت کي ئي کڻڻو پوندو، ڀارتي جارحيت جي معاملي کي عالمي سطح تي کڻڻ جي حوالي سان پڇيل سوال جو جواب ڏيندي هن چيو ته ڀارتي جارحيت جي معاملي تي وزيراعظم محمد نواز شريف مشاورت سان حڪمت عملي جوڙي رهيو آهي، مملڪتي وزير چيو ته اهو پاڪستان جي دفاع جو معاملو آهي، جنهن تي ڪنهن به قسم جو ٺاهه نه ڪيو ويندو.

هن چيو ته جهڙي طرح لائين آف ڪنٽرول تي پاڪ فوج ڀارت کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو آهي اهڙي طرح هر سطح تي ڀارت کي ڀرپور جواب ڏنو ويندو. مملڪتي وزير چيو ته اسان جي امن پسندي کي ڪمزوري نه سمجهيو وڃي.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو