صدر پاران جهانگير بدر جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 14نومبر2016ء) صدر ممنون حسين پاڪستان پيپلزپارٽي جي اڳواڻ جهانگير بدر جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي.

پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ صدر عملي سياست ۾ جهانگير بدر جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته جمهوريت لاءِ سندس قربانين کي سدائين ياد رکيو ويندو. هن چيو ته مرحوم جهانگير بدر هڪ سنجيده سياستدان هو جنهن جي جمهوريت جي بالادستي جي لاءِ اڻ ڳڻيون خدمتون آهن، صدر مرحوم جهانگير بدر جي پوئينرن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ سندس مغفرت جي لاءِ دعا به ڪئي.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو