وزيراعظم جي لوڊشيڊنگ جو وقت گهٽ ڪرڻ بابت هدايتن تي عملدرآمد شروع

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 10نومبر2016ء) وزيراعظم طرفان شهري ۽ ٻهراڙي جي علائقن ۾ لوڊشيڊنگ جو وقت گهٽ ڪرڻ لاءِ ڪيل هدايتن تي عملدرآمد شروع ٿي ويو آهي، پاڻي ۽ بجلي واري وزارت جي ذريعن موجب شهري علائقن ۾ ٽي ڪلاڪ ۽ ٻهراڙي جي علائقن ۾ چار ڪلاڪ لوڊمينيجمينٽ ڪئي پئي وڃي، سسٽم ۾ بجلي جي اضافي پيداوار شامل ٿيڻ کانپوءِ صورتحال ۾ نمايان بهتري آئي آهي.

جنوري 2012ع ۾ لوڊشيڊنگ جو وقت شهري علائقن ۾ 8 ڪلاڪ ۽ ٻهراڙي جي علائقن ۾ 10 کان 12 ڪلاڪ هو پر موجوده حڪومت جي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ لوڊشيڊنگ جي وقت ۾ وڌيڪ گهٽتائي ڪئي وئي آهي ۽ شهري علائقن ۾ 3 ڪلاڪ ۽ ٻهراڙي جي علائقن ۾ 4 ڪلاڪ جي لوڊشيڊنگ ڪئي وئي آهي، سمورن ڊسٽري بيوشن ڪمپنين کي هدايت ڪئي وئي آهي ته نئين لوڊمينيجمينٽ پلان تي سختي سان عمل ڪيو وڃي ۽ رهتن جي وصولي ۽ بجلي چوري جي روڪٿام لاءِ خصوصي قدم کنيا وڃن ته جيئن لوڊشيڊنگ جي وقت ۾ وڌيڪ گهٽتائي آڻي سگهجي.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو