پاڪستان معاشي سرگرمين لاءِ بهتر ملڪ آهي: مريم اورنگزيب

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 9نومبر2016ء) اطلاعات، نشريات ۽ قومي ورثي واري مملڪتي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته پاڪستان معاشي سرگرمين لاءِ بهتر ملڪ آهي، ملڪ جي مثبت تشخص کي اجاگر ڪرڻ لاءِ جامع ڪوششن جي ضرورت آهي، اربع ڏينهن هتي هڪ اجلاس جي صدارت ڪندي هن چيو ته دنيا کي پيغام ڏيڻو آهي ته پاڪستان معاشي سرگرمين لاءِ بهتر ملڪ آهي، ملڪ

جي باري ۾ منفي تاثر کي ختم ڪرڻ لاءِ غير ملڪي ميڊيا سان رابطو رکيو وڃي، راءِ عام هموار ڪرڻ ۾ ميڊيا جي ڪردار کان چڱي ريت آگاهه آهيون، اقتصادي راهداري منصوبو موجوده حڪومت جي وڏي ڪاميابي آهي منصوبي جي تڪميل سان پاڪستان سان گڏ پورو خطو فائدو حاصل ڪندو، هن چيو ته پاڪستان پائيدار ترقي جا هدف حاصل ڪرڻ لاءِ اهم اڳڀرائي حاصل ڪئي آهي.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو