حڪومت ترقياتي ايجنڊا تان ڌيان نه هٽائيندي: صدر / وزيراعظم

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 9نومبر2016ء) صدر ممنون حسين ۽ وزيراعظم محمد نواز شريف چيو آهي ته حڪومت ترقياتي ايجنڊا تان پنهنجو ڌيان نه هٽائيندي ۽ ملڪ جي ترقي ۽ عوام جي زندگي جو معيار بهتر ڪرڻ لاءِ ترقياتي منصوبا مڪمل ڪرڻ جي لاءِ دلچسپي سان ڪم ڪندي رهندي. هنن اها ڳالهه اربع ڏينهن ايوان صدر ۾ ٿيندڙ ملاقات ۾ ڪئي، وزيراعظم محمد نواز شريف جي صدر سان ٿيندڙ ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن ملڪ جي مجموعي صورتحال ۽ اهم قومي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي، ايوان صدر طرفان جاري بيان موجب ملاقات ۾ پاڪ چين اقتصادي راهداري، توانائي جي منصوبن، امن امان، لائين آف ڪنٽرول ۽ والاريل ڪشمير جي ورڪنگ بائونڊري تي پيدا ٿيندڙ صورتحال سميت ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم صدر کي حڪومت طرفان اقتصادي ۽ عوامي ڀلائي جي ڏس ۾ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. صدر حڪومت جي معاشي پاليسين کي ساراهيندي چيو ته انهن پاليسين سبب قومي معيشت مضبوط ٿي آهي ۽ ان جا اثر عام ماڻهو تائين پهچي رهيا آهن. صدر پاڪستان جي اقتصادي صورتحال جي بهتري بابت عالمي مالياتي ادارن جي رپورٽ تي اطمينان جو اظهار ڪيو. صدر ۽ وزيراعظم پاڪ چين اقتصادي راهداري جي تعمير جي رفتار تي به اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته هي منصوبو صرف پاڪستان نه پر پوري خطي جي لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو.

ٻنهي اڳواڻن ان عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪ چين اقتصادي راهداري جي عظيم الشان منصوبي سان سمورن صوبن ۽ خطن کي هڪجهڙو فائدو حاصل ٿيندو. ٻنهي اڳواڻن ان ڳالهه تي اطمينان جو اظهار ڪيو ته سي پيڪ منصوبي تحت توانائي منصوبن جي بروقت تڪميل سان ملڪ ۾ 2018ع تائين لوڊشيڊنگ جو خاتمو ٿي ويندو، صدر ۽ وزيراعظم آپريشن ضرب عضب دوران حاصل ٿيندڙ ڪاميابين تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته ملڪ ۾ آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين هي آپريشن جاري رهندو. ٻنهي اڳواڻن دهشتگردي ۽ انتهاپسندي کي منهن ڏيڻ لاءِ هٿياربند فوج ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي آفيسرن ۽ جوانن جي قربانين کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ته ملڪ جي سمورن حصن ۾ مڪمل امن جي بحالي جي لاءِ هي آپريشن جاري رهندو. ان موقعي تي خطي جي صورتحال جو به جائزو ورتو ويو ۽ ٻنهي اڳواڻن خطي ۾ پاڙيسري ملڪن سان دوستاڻن لاڳاپن جي خواهش جو اظهار به ڪيو. ملاقات ۾ ٻنهي اڳواڻن طرفان والاريل ڪشمير ۾ جاري ظلمن جي شديد مذمت ڪئي وئي. هنن عالمي برادري تي زور ڏنو ته هو ڪشمير جو مسئلو گڏيل قومن جي قرارداد مطابق حل ڪرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو