اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 9نومبر2016ء) سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس اڄ خميس ڏينهن ٽپهري جو پارليامينٽ هائوس ۾ ٿيندو. اجلاس جي صدارت ڪميٽي جو چيئرمين سينيٽر سليم مانڊوي والا ڪندو.
اجلاس ۾ ايف بي آر جا عملدار ڪميٽي کي جمع ڪيل ٽيڪس ۽ شارٽ فال سال 17 -2016ع تي بريفنگ ڏيندا. بجيٽ ۾ مخصوص ڪيل فنڊن تي به ڪميٽي کي بريفنگ ڏني ويندي.