سينيٽ اجلاس لاءِ پينل آف پرزايئڊنگ آفسيرن جي نالن جو اعلان

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز14دسمبر 2018ء) سينيٽ جي وقتي چيئرمين سليم ايڇ مانڊي والا سينيٽ جي 285 هين سيشن جي لاءِ پينل آف پرزايئڊنگ آفسيرن جي نالن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

جمعي ڏينهن سينيٽ جي اجلاس جي آغاز تي وقتي چيئرمين پينل آف پرزائيڊنگ آفيسرن جي نالن جو اعلان ڪيو جيڪي چيئرمين ۽ ڊپٽي چيئرمين جي غير موجودگي ۾ سينيٽ جي هلندڙ سيشن جي صدارت ڪندا، پينل آف پرزائيڊنگ آفيسرز ۾ سينيٽر ستاره اياز، سينيٽر آغا شاهزيب دراني ۽ سينيٽر ڊاڪٽر شهزاد وسيم شامل آهن.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو