قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اطلاعات واري وزير کي ڳالهائڻ کان روڪي ڇڏيو

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز13دسمبر 2018ء) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين کي آفيسرز گيلري ۾ ويٺل مهمانن سان ڳالهائڻ کان روڪيندي چيو ته ايوان جو ڪو به ميمبر مهمان جي گئلري ۾ ويٺل مهمانن سان ڳالهائي نٿو سگهي، خميس ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران اطلاعات

۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين آفيسرز گئلري ۾ ويٺل هڪ مهمان سان ڳالهائي رهيو هو، جنهن تي اسپيڪر ان کي چيو ته هو پاڻ قانوندان آهي ان کي اها ڳالهه سمجهڻ گهرجي ته قومي اسيمبلي جا قاعدا ۽ ضابطا ڪنهن به قومي اسيمبلي جي ميمبر کي مهمانن جي گئلري ۾ ويٺل مهمان سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جي اجازت نٿا ڏيڻ.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو