نيب هڪ پئسي جي به ڪرپشن ثابت ڪئي ته ايوان ڇڏي ڏيندس: شهباز شريف

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز13دسمبر 2018ء) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف چيو آهي ته جيڪڏهن نيب مٿس هڪ پئسي جي به ڪرپشن ثابت ڪئي ته هو هي ايوان ڇڏي ڏيندو، پي اي سي جو چيئرمين مخالف ڌر اڳواڻ کي بڻائڻ جي روايت گذريل ٻن دورن کان هلي رهي آهي ۽ اها مستحڪم ٿي چڪي آهي، اسان هن ايوان کي بامعنيٰ بڻائڻ لاءِ ملڪ ۽ عوام جي مفاد ۾ حڪومت سان مڪمل تعاون ڪنداسين، پوري مخالف ڌر مون کي پي اي سي جو چيئرمين بڻائڻ جي حمايت ڪئي، ان اعتماد تي آئون انهن جو ٿورائتو آهيان، خميس ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي مخالف ڌر اڳواڻ شهباز شريف چيو ته ان ۾ ڪو به اختلاف ناهي ته ايوان کي هلائڻ حڪومت ۽ مخالف ڌر جي گڏيل ذميداري آهي، ميثاق جمهوريت تي صحيح پاڪستان جي سياسي تاريخ جو شاندار لمحو هو، مون وزيراعظم عمران خان کي ان لاءِ درخواست ڪئي هئي ته ملڪ مان غربت جي خاتمي، معيشت جي بهتري، اسپتالن ۾ دوائن جي فراهمي ۽ تعليم جي لاءِ هڪ ميثاق معيشت طئي ڪريون ٿا منهنجي ان تجويز کي حقارت سان رد ڪيو ويو، هاڻي ڪجهه ڏينهن اڳ وري ميثاق معيشت جي تجويز آئي آهي اسان ان جي آجيان ڪريون ٿا هن چيو ته اسان ايوان کي بامعنيٰ بڻائڻ جي لاءِ حڪومت سان ملڪ ۽ عوام جي مفاد خاطر مڪمل تعاون ڪنداسين، پي اي سي جو مخالف ڌر اڳواڻ کي چيئرمين بڻائڻ جي روايت مستحڪم ٿي چڪي آهي، سڄي مخالف ڌر مون کي پي اي سي جي چيئرمين بڻائڻ لاءِ نامزد ڪيو، ان عزت افزائي تي سڄي مخالف ڌر جو ٿورائتو آهيان، هن چيو ته اسان کي اميد آهي ته اسپيڪر خواجه سعد رفيق جا پروڊڪشن آرڊر جاري ڪندو، شهباز شريف چيو ته نيب جي معاملي تي مون ڳالهه نٿي ڪرڻ چاهي، پر پرڏيهي وزير پاڻ اها ڳالهه ڇيڙي آهي ته ڳالهه ڪرڻ تي مجبور ٿيو آهيان، هن چيو ته نيب جي حوالي سان پرڏيهي وزير جيڪي ڳالهيون ڪيون آهن اهي حقيقتن جي ابتڙ آهن، هن چيو ته نيب ۽ حڪومت جو هڪ ٻئي سان چولي دامن جو ساٿ آهي، احتساب جو عمل صرف ۽ صرف مخالف ڌر جي خلاف جاري آهي، منهنجي خلاف اڃان تائين نيب جو ريفرنس داخل ناهي ٿيو پر اهي ريفرنس داخل ڪندا، نيب جو ڳرو پٿر حڪومت جي ميمبرن تي به ڪرڻو آهي، پي ٽي آءِ جي اڳواڻ جهانگير ترين تي مالم جبا ڪيس جو به پاڇو آهي، آئون گنهگار ماڻهو آهيان پر انڪساري ۽ عاجزي سان چوان ٿو ته نيب منهنجي خلاف اڌ پئسي جي به ڪرپشن ثابت ڪري ڏيکاري ته هي ايوان ڇڏي ڏيندس، هن چيو ته مون کي نيب صاف پاڻي جي ڪيس جي حوالي سان گهرايو ۽ انهن مون کي آشيانه ۾ گرفتار ڪيو، صاف پاڻي جو ريفرنس اچي چڪو آهي 20 ماڻهو به نامزد ڪري ڇڏيا آهن پر منهنجو ان ۾ الله جي فضل ۽ ڪرم سان نالو نه آهي، مسلم ليگ (ن) جي دور ۾ بجلي جو بحران ختم ٿيو ۽ ملڪ روشن بڻجي ويو آهي، آشيانا جي حوالي سان نيب جنوري 2018ع ۾ جاچ جو آغاز ڪيو، مالم جبا ڪيس جي جاچ به جنوري 2018ع ۾ ٿي پر هينئر تائين 270 ايڪڙ ريزارٽ جي حوالي سان هڪ ماڪوڙي به نه رڙهي.

آشيانه ڪيس ۾ به منهنجي خلاف اڌ پئسي جي به ڪرپشن نه آڻي سگهي.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو