ميثاق جمهوريت جو مقصد وارا وٺڻ ناهي: راجا پرويز اشرف

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز13دسمبر 2018ء) اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف چيو آهي ته ميثاق جمهوريت جو مقصد وارا وٺڻ ناهي پر جمهوري استحڪام هو، پي اي سي جو چيئرمين شپ جي حوالي سان قومي اسيمبلي جي اسپيڪر انتهائي عقلمندي جو ڪردار ادا ڪيو، جيڪو تحسين جي لائق آهي، اميد آهي ته هن ايوان ۾ قانونسازي جو عمل جلد شروع ٿي ويندو، خميس ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ خيالن جو اظهار ڪندي اڳوڻي وزيراعظم راجا پرويز اشرف چيو ته انتهائي دانشمندي ۽ بردباري سان اسپيڪر پي اي سي جي چيئرمين جي حوالي سان جيڪو ڪردار ادا ڪيو آهي اهو تحسين لائق آهي، پي اي سي جو چيئرمين بڻجڻ ۽ اسٽينڊنگ ڪميٽين

جي وجود ۾ اچڻ کانپوءِ ئي هي ايوان مڪمل ٿيندو، مخالف ڌر اڳواڻ کي پي اي سي جو چيئرمين بڻائڻ جي پويان ڪجهه عمل موجود هئا، محترمه بينظير ڀٽو ۽ ميان نواز شريف ڪيترن ئي سالن جي ڪشمڪش کانپوءِ جڏهن اها ڳالهه محسوس ڪئي ته اسان کي هڪٻئي سان گڏ برداشت ۽ احترام سان هلڻو پوندو ان تناظر ۾ ميثاق جمهوريت تي صحيحون ٿيون، اهي صحيحون وارا وٺڻ جي لاءِ نه ڪيون ويون هيون، ان جو مقصد جمهوري استحڪام هو، اهو محترمه بينظير ڀٽو جي سوچ هئي ته ميثاق جمهوريت کانسواءِ هي ايوان اڳتي نٿو هلي سگهي، اسان کي اميد آهي ته هن ايوان ۾ عوامي مفادن جي لاءِ قانونسازي جو عمل جلد شروع ٿي ويندو.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو