ڇهين بجيٽ پيش ڪرڻ اسان جي حڪومت جي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي: مفتاح اسماعيل

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز 18 مئی 2018ء) ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته ڇهين بجيٽ پيش ڪرڻ اسان جي حڪومت جي لاءِ اعزاز جي ڳالهه آهي، معاشي ترقي جو سفر جاري رهندو ۽ عوام سان ڪيل واعدا پورا ڪنداسين.

جمعي ڏينهن وفاقي بجيٽ جي منظوري کانپوءِ پنهنجي مختصر خطاب ۾ هن چيو ته الله تعاليٰ جو شڪر ادا ڪريان ٿو ته اسان جي حڪومت مسلسل ڇهين بجيٽ پيش ڪئي ۽ ملڪ ۽ قوم جي خدمت جي اسان کي توفيق ڏني، هن چيو ته بجيٽ معاشي ترقي جو سفر جي تسلسل جو آئيندار هوندو آهي جيڪو مشڪل ضرور آهي پر اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف، وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي ويزن سبب معاشي ترقي جو سفر طئي ڪيو آهي، اسان کي اميد آهي ته آئنده به اهو سفر جاري رهندو، هن چيو به بجيٽ جي تياري ۾ پارليامينٽ ميمبرن، اسپيڪر، سينيٽ ميمبر ۽ لاڳاپيل ادارن جي آفيسرن ۽ عملي جو ٿورائتو آهيان جنهن بجيٽ جي موقعي تي بي مثال تعاون جو مظاهرو ڪيو، هن چيو ته قومي اسيمبلي، سينيٽ، پي ٽي وي، پي آءِ اي، سي ڊي اي، اي پي پي، ريڊيو، پي آءِ ڊي سميت بجيٽ سيشن دوران پارليامينٽ هائوس ۾ خدمتون سرانجام ڏيندڙ سمورن ملازمن کي پنج بنيادي پگهارن جي برابر اعزازيه ڏنو ويندو، ان موقعي تي اسپيڪر چيو ته گذريل دفعي اعلان ٿيندڙ اعزازيه جي رقم اسان کي اڃان تائين فراهم نه ڪئي وئي، ناڻي واري وزير چيو ته اعزازيه جي رقم هو پنهنجي حڪومت جو مدو پورو ٿيڻ کان اڳ ادا ڪري ويندو.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو