قومي اسيمبلي پاران هلندڙ مالي سال جا 333 ارب روپين کان وڌيڪ جا ضمني مطالبا منظور

اسلام آباد (پاکستان پوائنٹ نیوز 18 مئی 2018ء) قومي اسيمبلي هلندڙ مالي سال جي 333 ارب روپين کان وڌيڪ جي مجموعي طور تي 127 ضمني ناڻي جي مطالبن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جمعي ڏينهن ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل ضمني ناڻي جا مطالبا ايوان ۾ منظوري لاءِ پيش ڪرڻ چاهيا ته مخالف ڌر طرفان پيپلزپارٽي جي ميمبر شازيه مري ضمني بجيٽ ۽ گرانٽ جي مخالفت ڪئي ۽ چيو ته بجيٽ پيش ڪرڻ جي لاءِ تياري ڪرڻ گهربي هئي، اهڙي معاملن کي به ضمني بجيٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي جيڪي بجيٽ جو لازمي حصو هوندا آهن، هن چيو ته ضمني بجيٽ جي نالي تي اربين روپين جي بجيٽ منظور ٿيندي آهي پر دولت مشترڪه راندين ۾ ملڪ جي لاءِ پنهنجي صلاحيت ذريعي سون جو تمغو کٽيندڙن جي لاءِ ڪجهه ناهي هوندو، ضمني بجيٽ کي اسان رد ڪريون ٿا، ايم ڪيو ايم جي شيخ صلاح الدين چيو ته اسان ضمني بجيٽ جي مخالفت ڪريون ٿا ان جو سڄو بار

عوام تي پوندو، جماعت اسلامي جي پارلياماني اڳواڻ صاحبزاده طارق الله چيو ته ضمني بجيٽ هاڻي سالياني بجيٽ جو لازمي حصو بڻجي چڪي آهي ان رجحان جي حوصلا شڪني لاءِ قانونسازي ٿيڻ گهرجي، تحريڪ انصاف جي ميمبر اسد عمر چيو ته قرضن جي ري پيمنٽ جو ذڪر به ضمني بجيٽ ۾ آهي، ان جو مطلب آهي ته سالياني بجيٽ جي لاءِ تياري ئي نه ٿي آهي، پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا گهٽ ٿي رهيا آهن جڏهن ته بئنڪن کان قرض وٺڻ جي حد ۾ به اضافو ٿي رهيو آهي، ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل بجيٽ تي بحث سهيڙيندي چيو ته گذريل سال جي پهرين مهيني ۾ ايف بي آر کي وصولين جي هدفن ۾ گهٽتائي ٿي هئي، جنهن سبب ڊيٽ سروسنگ جي مد ۾ ڪجهه رقم ضمني بجيٽ ۾ داخل ڪرڻي پئي، ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل هلندڙ مالي سال 18 -2017ع جي هڪئي پويان 127 ناڻي جا مطالبا ايوان ۾ منظوري لاءِ پيش ڪيا جنهن جي ايوان منظوري ڏئي ڇڏي.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو