سينيٽ جي سمنڊ پار پاڪستانين ۽ انساني وسيلن جي ترقي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 23ستمبر 2016ء) سينيٽ جي سمنڊ پار پاڪستانين ۽ انساني وسيلن جي ترقي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي ويلفيئر بورڊ خيبرپختونخوا جي اسٽاف کي 29 سيٽپمبر تائين پگهار ادا ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي. اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس ڪميٽي چيئرمين سينيٽر باز محمد خان جي صدارت ۾ پارليامينٽ لاجز جي ڪانفرنس هال ۾ منعقد ٿيو، اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ اوورسيز ايمپلائيمينٽ ڪارپوريشن ۽ بيورو آف اميگريشن اينڊ اوورسيز ايمپلائيمنٽ جي مختص ۽ استعمال بجيٽ کانسواءِ اداري جي ڪارڪردگي ۾ بهتري لاءِ قانونسازي جي تجويزن، ورڪرز ويلفيئر بورڊ شهباز عظمت خيل بنون خيبرپختونخوا ۽ زوب بلوچستان ۾ اسڪولن جي تعمير جي معاملن کانسواءِ ورڪر ويلفيئر بورڊ خيبرپختونخوا ۾ غير قانوني مقررين جي معاملن جو تفصيل سان جائزو ورتو ويو.

اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ سينيٽر سيد الحسن مندو خيل، مس نجمه حميد، ليفٽيننٽ جنرل (ر) عبدالقيوم، رحمان ملڪ، حاجي سيف الله خان بنگش، نگهت مرزا ۽ شاهي سيد کانسواءِ سمنڊ پار پاڪستانين واري وفاقي وزير پير صدر الدين شاهه راشدي، ايم ڊي اوورسيز ايمپلائيمنٽ ڪارپوريشن، ڪي پي ڪي جي ليبر سيڪريٽري، ورڪر ويلفيئر فنڊ واري سيڪريٽري، ورڪر ويلفيئر بلوچستان جي سيڪريٽري کانسواءِ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. ايم ڊي او سي سي اسٽينڊنگ کي آگاهه ڪيو ته اوورسيز ايمپلائيمنٽ ڪارپوريشن 1976ع ۾ قائم ٿي ۽ هيستائين 40 سالن ۾ هڪ لک 40 هزار ورڪرن کي پرڏيهي ملڪ موڪليو ان جون چار علائقائي آفيسون آهن. اداري جو مقصد پاڪستاني ورڪرن کي پرڏيهي ملڪ بهتر ڪم جا موقعي ۾ مدد ڏئي ٿو.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو