قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر پاران حادثي ۾ فوت ٿيندڙن جي وارثن سان فاتحه

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 23ستمبر 2016ء) قومي اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر مرتضيٰ جاويد عباسي حويليان ضلعي جي يونين ڪائونسل مجهويان ۽ بودله لڙي جو دورو ڪيو ۽ پڪ اپ حادثي جي نتيجي ۾ فوت ٿيندڙ ماڻهن جي گهرن ۾ وڃي مرحومن لاءِ فاتحه خواني ڪئي.

ان موقعي تي پوئينرن سان ڳالهائيندي ڊپٽي اسپيڪر حادثي جي نتيجي ۾ قيمتي انساني جانيون ضايع ٿيڻ تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي، حادثي ۾ فوت ٿيندڙ ماڻهن جي خاندانن لاءِ 50، 50 ۽ زخمين لاءِ 20، 20 هزار روپيا مالي مدد جو به اعلان ڪيو.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو