پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ اتحادي پارٽين جو نامزد اميدوار سليم مانڊوي والا 10 ووٽن جي اڪثريت سان سينيٽ جو ڊپٽي چيئرمين چونڊجي ويو

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 12مارچ2018ء) پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ اتحادي پارٽين جو نامزد اميدوار سليم مانڊوي والا 10 ووٽن جي اڪثريت سان سينيٽ جو ڊپٽي چيئرمين چونڊجي ويو. سليم مانڊوي والا 54 جڏهن ته مسلم ليگ (ن) ۽ اتحادي پارٽين جي اميدوار عثمان ڪاڪڙ 44 ووٽ کنيا. 98 ميمبرن ووٽنگ ۾ حصو ورتو. ڪالهه سومر ڏينهن سينيٽ جي اجلاس ۾ دپٽي چيئرمين جي چونڊ جو عمل نئين چونڊيل چيئرمين محمد صادق سنجراڻي جي صدارت ۾ سينيٽ هال ۾ شروع ٿيو جنهن ۾ چيئرمين اعلان ڪيو ته ڊپٽي چيئرمين جي لاءِ سليم مانڊوي والا ۽ محمد عثمان ڪاڪڙ اميدوار آهن.

هن ميمبرن کي ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ جي طريقيڪار کان آگاهه ڪيو ۽ سينيٽ سيڪريٽري جي ميز جي سامهون بيلٽ باڪس رکيو ويو جنهن کانپوءِ ميمبرن کي هڪ هڪ ٿي نالي سان سڏيو ويو ۽ هنن پولنگ بوٿ ۾ وڃي پنهنجي ووٽ تي ٺپو هڻڻ کانپوءِ ان کي بيلٽ باڪس ۾ وڌو. راءِ شماري کانپوءِ چيئرمين اعلان ڪيو ته سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين جي چونڊ جي لاءِ 98 ووٽ وڌا ويا، ڪو به ووٽ رد نه ٿيو، سليم مانڊوي والا 54 ۽ عثمان ڪاڪڙ 44 ووٽ حاصل ڪيا. چيئرمين ان کانپوءِ نئين چونڊيل ڊپٽي چيئرمين کان سندس عهدي جو حلف ورتو.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو

وڌيڪ مضمون