سينيٽ جي اجلاس ۾ ڪالهه سومر ڏينهن سينيٽ چيئرمين جي چونڊ دوران مهمانن جون گيلريون ڀريل هيون

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ 12مارچ2018ء) سينيٽ جي اجلاس ۾ ڪالهه سومر ڏينهن سينيٽ چيئرمين جي چونڊ دوران مهمانن جون گيلريون ڀريل هيون ۽ مختلف سياسي پارٽين سان تعلق رکندر ميمبر وڏي انگ ۾ گيلرين ۾ موجود هئا.

سينيٽ ۾ ووٽن جي ڳڻپ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ پرزائيڊنگ آفيسر پاران نتيجي جو اعلان ٿيڻ کان اڳ ئي گيلرين ۾ ويٺل پيپلزپارٽي جي ڪارڪنن جي مختلف گروپن مختلف طرفن سان زبردست نعريبازي شروع ڪري ڇڏي ۽ پرزائيڊنگ آفيسر پاران بار بار منع ڪرڻ جي باوجود نعريبازي ڪندا رهيا. سينيٽ جو عملو ڪارڪنن کي نعريبازي کان منع ڪندو رهيو پر اها نعريبازي ڪافي دير تائين جاري رهي.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو

وڌيڪ مضمون