نيشنل انٽرن شپ پروگرام تحت رجسٽرڊ انٽرنيز کي ٻن مهينن جو وظيفو جلد ادا ڪيو ويندو: وفاقي وزير رياض حسين پيرزاده

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 08ستمبر 2016ء) بين الصوبائي رابطن واري وفاقي وزير رياض حسين پيرزاده چيو آهي ته نيشنل انٽرن شپ پروگرام تحت رجسٽرڊ انٽرنيز کي ٻن مهينن جو وظيفو جلد ادا ڪيو ويندو، 95 سيڪڙو ان پروگرام تحت رجسٽرڊ شاگرد انٽرن شپ مڪمل ٿيڻ تي ان ئي اداري ۾ نوڪري حاصل ڪري وٺن ٿا. ڪالهه خميس ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ سلمان بلوچ جي نيشنل انٽرن شپ پروگرام جي انٽرنيز کي وظيفن جي عدم ادائيگي بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس جي جواب ۾ وفاقي وزير رياض حسين پيرزاده چيو ته مالي سال جي مڪمل ٿيڻ تي فنڊ ليپس ٿي وڃن ٿا تنهن هوندي به انٽرن شپ ڪندڙ انٽرنيز جو ٻن مهينن جو وظيفو جلد لاڳاپيل انٽرنيز جي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪيو ويندو.

ناڻي واري کاتي جي اربين رپين جو پئسو آهي جيڪو سرنڊر ٿيڻ کانپوءِ واپس اچي ويو آهي، 26 هزار 878 ماڻهو نيشنل انٽرن شپ پروگرام تحت رجسٽرڊ آهن جن جي وظيفي جي رقم نيشنل بئنڪ اڪائونٽس ۾ هلي وئي آهي، 803 ڇڏي ويا هئا، سمورا تفصيل آن لائين پڻ چيڪ ڪري سگهجن ٿا. سفيان يوسف جي سوال جي جواب ۾ هن چيو ته سمورن ڪمرشل ۽ ڪاروباري ادارن، تنظيمن سان رابطو ڪري انهن کان مارڪيٽ جو پڇيو، انهن کي سگهه يا تعليم رکندڙ شاگرد گهربل هئا اهي مهيا ڪيا آهن، 95 سيڪڙو اهڙن انٽرنيز کي اتي ئي نوڪري ملي وڃي ٿي اهو تمام سٺو آهي.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو

وڌيڪ مضمون