حڪومت ملڪ مان لوڊشيڊنگ جو خاتمو ڪرڻ چاهي ٿي: مملڪتي وزير عابد شير علي

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 08ستمبر 2016ء) پاڻي ۽ بجلي واري مملڪتي وزير عابد شير علي ٻڌايو آهي ته حڪومت ملڪ مان لوڊشيڊنگ جو خاتمو ڪرڻ چاهي ٿي، خيبرپختونخوا ۾ 5 گرڊ اسٽيشن اپ گريڊ ڪرڻ جي سلسلي ۾ صوبائي حڪومت زمين حاصل ڪرڻ ۾ تعاون نه ڪري رهي آهي، صوبائي حڪومت وٽ 54 ڪروڙ روپيا پوڻا ٽن سالن تائين پيل رهيا هاڻي وڃي چڪدره ۾ گرڊ اسٽيشن جي لاءِ زمين فراهم ڪئي آهي.

ڪالهه خميس ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ سوالن واري وقفي دوران شير اڪبر خان جي سوال جي جواب ۾ مملڪتي وزير ٻڌايو ته ضلع بونير ۾ 11 ڪي وي ڪڙاڪڙ فيڊر بونير کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو آهي، هن چيو ته بجلي فراهم ڪرڻ جون 14 اسڪيمون مارچ 2017ع ۾ مڪمل ٿي وينديون جنهن سان لوڊ ۽ ٽرپنگ جو سسٽم بهتر ٿيندو، 11 ڪي وي چاملا فيڊر بونير کي ٻن حصن ۾ ورهائڻ جي ڪم تي اڳڀرائي جاري آهي، 32 عدد ايڇ ٽي ٿنڀا لڳايا ويا آهن، آسيه ناز تنولي جي سوال جي جواب ۾ هن ٻڌايو ته خيبرپختونخوا ۾ پنج گرڊ اسٽيشن جو معاملو صوبائي حڪومت سان کنيو ويو آهي، فنڊز موجود آهن تنهن هوندي به هي مسئلو حل نه ڪري سگهي، پوڻا ٽي سالن کانپوءِ چڪدره گرڊ اسٽيشن جي زمين جو معاملو حل ٿيو آهي، هن چيو ته صوبائي حڪومت زمين حاصل ڪري ڏي اسان بجلي جو معاملو حل ڪرڻ چاهيون ٿا.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو

وڌيڪ مضمون