پارليامينٽ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ14نومبر2017ء) پارليامينٽ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي اجلاس ۾ آءِ جي پوليس اسلام آباد چيو آهي ته وفاقي گادي واري شهر ۾ جاري ڌرڻي جو معاملو 2 کان 3 ڏينهن ۾ حل ڪيو ويندو، گذريل 3 کان 4 سالن ۾ اسلام آباد ۾ دهشتگردي جو ڪو واقعو ناهي ٿيو جڏهن ته ڪميٽي جي چيئرمين سيد خورشيد شاهه چيو آهي ته زمين هيٺ پاڻي جي صورتحال انتهائي خراب آهي، 10 سالن کانپوءِ پاڻي جي بحران کي منهن ڏيڻو پوندو. پبلڪ اڪائوٽس ڪميٽي جو اجلاس ڪالهه اڱاري ڏينهن پارليامينٽ هائوس ۾ سيد خورشيد شاهه جي صدارت ۾ ٿيو جنهن ۾ ڪميٽي جي ميمبرن محمود خان اچڪزئي، شيخ روحيل اصغر، شيخ رشيد احمد، اعظم سواتي سميت ٻين ميمبرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ گهرو وزارت پاران سيف سٽي پراجيڪٽ تي بريفنگ ڏني وئي. گهرو سيڪريٽري پي اي سي کي ڪنٽرول روم جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني جنهن تي ڪميٽي سيف سٽي پراجيڪٽ جي ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول سينٽر جو دورو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو. نادرا چيئرمين ٻڌايو ته سيف سٽي منصوبي تحت اسلام آباد ۾ 1700 ڪئميرائون هنيون ويون آهن، ڪمانڊ سينٽر بم پروف بلڊنگ ۾ قائم ڪيو ويو آهي، 244 اضافي ڪئميرائون گاڏين جي لائيسنس پليٽس جو رڪارڊ گڏ ڪن ٿيون. تفصيل پيش ڪندي ڪمانڊر سيف سٽي پراجيڪٽ ٻڌايو ته گذريل 3 کان 4 سالن ۾ اسلام آباد ۾ دهشتگردي جو ڪو واقعو ناهي ٿيو، سيف سٽي پراجيڪٽ تحت 400 مان 190 چوري ٿيل گاڏيون واپس ڪرايون ويون، 410 مان 73 چوري ٿيل موٽرسائيڪلون واپس ڪرايون ويون. پرس چوري جي 260 مان 83 جو پتو لڳايو ويو، ان پراجيڪٽ تحت 23 گم ٿيل ماڻهن جو پتو لڳايو ويو. انهن جو چوڻ هو ته اسلام آباد ۾ گاڏي چوري جا واقعا 60 سيڪڙو گهٽ ٿيا آهن جڏهن ته پرس چوري جي واقعن ۾ پڻ گهٽتائي آئي. ڪمانڊر سيف سٽي پراجيڪٽ اعتراف ڪيو ته دهشتگردن جي چهرن جي سڃاڻپ جو نظام اڃا تائين فعال ناهي ٿيو. ڪميٽي جي ميمبر اعظم سواتي چيو ته اسان ان مقصد جي لاءِ قانون ٺاهينداسين، اسلام آباد پوليس کي موٽروي پوليس وانگر آزاد ڪرڻو پوندو.

شيخ روحيل اصغر چيو ته وفاقي گادي واري شهر جي پوليس پوري ملڪ جي پوليس کان وڌيڪ شائسته آهي، اسان کي بنا ڪنهن سبب جي تنقيد نه ڪرڻ گهرجي. شيخ رشيد احمد چيو ته اسان کي خبر هجڻ گهرجي ته ڪيتريون ڪئميرائون ٺيڪ آهن ۽ ڪيتريون خراب آهن، آمريڪا ۽ عرب اماراتن ۾ ڪئميرائن جي باوجود دهشتگردي جا واقعا ٿيا، اسلام آباد پوليس جي ڪارڪردگي ۽ رويو بهتر آهي، ڊپلوميٽڪ انڪليو ۾ سيويلينز جو وڏو انگ آباد ٿي ويو آهي. اجلاس دوران اسلام آباد ۾ تحريڪ لبيڪ جي ڌرڻي جو پڻ ذڪر ٿيو جنهن تي آءِ جي پوليس اسلام آباد خالد خٽڪ ٻڌايو ته 2 کان 3 ڏينهن ۾ اسلام آباد ۾ جاري ڌرڻي جو مسئلو حل ڪيو ويندو، جڏهن ته سمورا قدم ۽ منصوبابندي هن وقت نه ٿي ٻڌائي سگهجي. هن ٻڌايو ته ڊپٽي ڪمشنر اسلام آباد انهن کي پريڊ گرائونڊ ۾ ڌرڻي جي آڇ ڪئي هئي. نولانگ منصوبي تي اڳوڻي واپڊا چيئرمين شڪيل دراني بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته نولانگ منصوبو اڳوڻي حڪومت جي ترجيحن ۾ شامل هو، اڳوڻي ناڻي واري وزير حفيظ شيخ کي هر اجلاس ۾ فنڊن جي لاءِ چيو پر هن فنڊ نه ڏنا ۽ ٽال مٽول ڪندو رهيو. خورشيد شاهه چيو ته نولانگ منصوبو واپڊا پاڻ خراب ڪيو. محمود خان اچڪزئي چيو ته فنڊ نه مليا ته 3 ڀيرا منصوبي جو ٽينڊر ڇو ڪيو. ان معاملي تي محمود خان اچڪزئي ۽ اڳوڻي واپڊا چيئرمين جي وچ ۾ سخت جملن جي ڏي وٺ پڻ ٿي. شڪيل دراني چيو ته واپڊا کي فنڊ نه ملندا ته ڪم ڪيئن ڪندو. ان تي خورشيد شاهه چيو ته توهان سينيئر بيوروڪريٽ آهيو، تيز ڳالهائي سگهون ٿا پر اسان کي لحاظ آهي، جيڪڏهن اهو منصوبو وقت تي مڪمل ٿئي ها ته بلوچستان جي 2 لک ايڪڙ فوٽ زمين سيراب ٿئي ها، زمين هيٺ پاڻي جي صورتحال تمام بهتر هجي ها جيڪا هن وقت تمام خراب آهي، انهن جو چوڻ هو ته ايندڙ 10 سالن تائين اسان کي پاڻي جي سخت بحران کي منهن ڏيڻو پوندو.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو

وڌيڪ مضمون