وزيراعظم نيون وزارتون ۽ ڊويزنون جوڙي ڇڏيون

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ4اگست2017ء ) وزيراعظم شاهد خاقان عباسي نيون وزارتون ۽ ڊويزنون جوڙي ڇڏيون آهن، وزيراعظم آفيس طرفان جاري بيان موجب وزيراعظم رولز آف بزنس 1973ع جي قاعدي 3 جي شقن تحت نئين وزارتن ۽ ان سان لاڳاپيل ڊويزنن کي جوڙيو آهي، توانائي واري وزارت ٻن ڊويزنن يعني پاور ڊويزن ۽ پيٽروليم ڊويزن تي مشتمل هوندي، پاڻي واري وزارت پاڻي وسيلن واري ڊويزن تي مشتمل هوندي، بجلي، پاڻي ۽ پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن جي موجوده ڊويزنن جا معاملا ٻن

نئين ڊويزنن جي وچ ۾ ورڇ ٿيندا، پوسٽل سروسز ڊويزن واري وزارت به جوڙي وئي آهي، پوسٽل سروسز جي حد تائين موجوده سڌارا ڊويزن جا معاملا نئين ڊويزن کي سونپيا ويندا جڏهن ته باقي معاملا موجوده مواصلات ڊويزن وٽ رهندا، واپار ۽ ٽيڪسٽائيل واري وزارت جون ٻه ڊويزنون ڪامرس ۽ ٽيڪسٽائيل ڊويزنون آهن، واپار ۽ ٽيڪسٽائيل انڊسٽري جي ان ٻن موجوده ڊويزنن جا معاملا نئين وزارت تحت هوندا، ڪابينا ڊويزن وزيراعظم جي حڪمن تي فوري عملدرآمد جي لاءِ وڌيڪ قدم کڻندي.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو