قومي اسيمبلي ۾ عورت ميمبرن پاران عائشه گلالئي سان پيش آيل واقعي جي مذمت

اسلام آباد (پاکستان نیوزپوائنٹ4اگست2017ء ) قومي اسيمبلي ۾ عورت ميمبرن عائشه گلالئي سان پيش آيل واقعي جي شديد مذمت ڪندي ان جي مڪمل جاچ جو مطالبو ڪيو آهي جڏهن ته عائشه گلالئي جي سوشل ميڊيا تي ڪردار ڪشي ۽ ميڊيا جي هڪ سيڪشن طرفان ان جو ٽرائيل به قابل مذمت قرار ڏنو ۽ ان تي تيزاب هارڻ جي حوالي سان ڪيل ٽوئيٽ جي ايف آءِ اي کان جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو آهي. جمعي ڏينهن قومي اسيمبلي ۾ پيپلزپارتي جي ميمبر شگفته جماڻي اعتراض واري نقطي تي عائشه گلالئي جو معاملو اٿاريو. هن چيو ته اسان ان معاملي کي نظرانداز نٿا ڪري سگهون، هن جي طرفان لڳايل الزامن جي جاچ ڪرائي وڃي، ان عورت جي ڪردار ڪشي ۽ ميڊيا ٽرائيل قابل مذمت آهي ان کي ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن ته سندس گهر ساڙينداسين، ان تي تيزاب هارينداسين، اسان ان جي مذمت ڪريون ٿا. ڌمڪيون ڏنيون پيون وڃن ته کائنس اهو موبائيل فون ڦرنداسين جنهن تي ايس ايم ايس آهن، هن چيو ته انهن الزامن جي جاچ ڪرائي وڃي، جيڪڏهن ٻين شين تي جي آءِ ٽي ٺهي سگهي ٿي ته ان تي ڇو نه، هي عورتن جي خلاف هڪ سازش آهي ۽ انهن جي ڪردار کان کين روڪيوپيو وڃي، ايوان ۾ 60 سيڪڙو بزنس عورتن جو هوندو آهي، ان معاملي جي جاچ سپريم ڪورٽ ڪري يا هي ايوان ڪري هي ضرور ٿيڻ گهرجي، ڊپٽي اسپيڪر چيو ته عورتن جو سوشل ميڊيا تي مذاق اڏايو پيو وڃي اهو قابل مذمت آهي، ماروي ميمڻ چيو ته عائشه گلالئي جرئت جو مظاهرو ڪيو اان تي ان کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا، آئون قسم کڻي چوان ٿي ته عائشه جيڪا ڳالهه ڪئي آهي اها سئو سيڪڙو درست آهي سوشل ميڊيا ۽ ميڊيا جي ڪجهه حصي ۾ ان جو مذاق اڏايو پيو وڃي ان جي مذمت ڪريون ٿا، ٻيا به ڪيترائي ماڻهو خاموش آهن، پي ٽي آءِ کي خبر آهي ته هي ڳالهه درست آهي پر هي پنهنجون سيٽون بچائڻ جي لاءِ خاموش آهن، اسان جو وزيراعظم نااهل ٿيو اسان کي اهڙي ڪم جي ضرورت نه هئي، جيڪو عورتن جا حق نه مڃي ۽ ان جي تذليل ڪري ان کي دنيا ۽ آخرت ۾ ان جي سزا ملندي. هي ٽڪيٽ جو معاملو نه آهي هي ان سچ ڳالهائڻ جو معاملو آهي، جڏهن شيرين مزاري سان معاملو ٿيو ته ڪيڏو معاملو بڻايو ويو، هي معاملو ايترو ننڍو نه آهي طوفان به ايترو ئي وڏو هوندو آهي، ڊاڪٽر شيرين مزاري چيو ته جڏهن منهنجي حوالي سان حڪومتي ميمبر طرفان برو ڀلو چيو ويو ته ان وقت مسلم ليگ (ن) جون عورتون ڇو خاموش هيون. مون کان اڃان تائين معافي ناهي گهري وئي، هن چيو ته جيڪڏهن عائشه گلالئي وٽ ثبوت آهن ته پيش ڪري ته جيئن جنهن تي الزام لڳو آهي ان کي سزا ملي.

ڊاڪٽر نفيسه شاهه وزيراعظم ۽ نئين ڪابينا کي مبارڪاد پيش ڪئي ۽ چيو ته هو ايوان ۾ موجود آهي جيڪو هڪ خوش آئنده آهي، عائشه گلالئي جيڪي الزام لڳايا آهن انهن تي ايوان ۾ هڪ باوقار انداز ۾ ڳالهه ٿيڻ گهرجي، عائشه گلالئي پنهنجي پارٽي قيادت تي جيڪي الزام لڳايا آهن ان جي جاچ ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته اسيمبلي جي سيڪيورٽي تي مقرر هڪ عورت اسٽاف کي ان جي آفيسر هراسان ڪيو ان سان به اڄ تائين انصاف ناهي ٿيو، هي هن ايوان جي ٻن ميمبرن جي وچ جو معاملو آهي ان ڪئميرا جاچ ٿيڻ گهرجي ۽ جنهن تي الزام لڳا آهن کين صفائي جو موقعو ملڻ گهرجي، هن اسڪوائش جي عورت رانديگر ماريا طور جون تصويرون سوشل ميڊيا تي لڳائڻ کي به جنسي هراسان ڪرڻ قرار ڏنو ۽ چيو ته پي ٽي آءِ جي خلاف ان جي به جاچ ٿيڻ گهرجي، عورتن جي خلاف اسان کي اهڙن سمورين روين جي خلاف اٿي بيهڻو پوندو. هن عائشه گلالئي تي تيزاب هارڻ جي حوالي سان ڪيل ٽوئيٽ جي به ايف آءِ اي کان جاچ ڪرائڻ جو مطالبو ڪيو، هن ايوان جي هر ميمبر سان هڪجهڙو ورتاءُ ٿيڻ گهرجي. نعيمه ڪشور خان به تجويز ڏني ته ٻئي هن ايوان جا ميمبر آهن، خصوصي ڪميٽي جوڙي جاچ ڪرائي وڃي، الزامن جي سياست جو ڪلچر ختم ٿيڻ گهرجي، عبدالرشيد گوڊيل چيو ته وزيراعظم عائشه گلالئي جي الزامن جي حوالي سان ڪميٽي بڻائڻ جي جيڪا تجويز ڏني آهي اها درست آهي، ان معاملي تي وڌيڪ بحث نه ڪرايو وڃي. هن چيو ته ٻه سال اڳ مٿس آگسٽ ۾ حملو ٿيو هو موت ۽ حياتي جي ڪشمڪش ۾ مبتلا رهيو، سنڌ پوليس اهو ڪيس هاڻي ختم ڪري ڇڏيو آهي، جنهن مون تي حملو ڪيو ۽ جيڪو به ان ۾ ملوث آهن انهن جي گرفتاري عمل ۾ آندي وڃي، شير اڪبر خان چيو ته ڪرپشن هڪ سنگين مسئلو آهي هي مرڪزي ۽ صوبائي حڪومتن جي لاءِ هڪ چئلينج آهي، عائشه گلالئي کي مليل ايس ايم ايس ۽ صوبائي حڪومت تي ڪرپشن جي الزامن تي جي آءِ ٽي به جوڙي وڃي. ثريا اصغر چيو ته وزيراعظم جي تجويز سٺي آهي، هن چيو ته گارين جي سياست جيڪا متعارف ڪرائي پئي وڃي ان سان عورتن جو اڳتي اچڻ بي حد مشڪل ٿي ويندو، ڪا به عزتدار عورت اهڙن الزامن جو تصور به نٿي ڪري سگهي ان جي جاچ ٿيڻ گهرجي، وسيم حسين چيو ته عائشه گلالئي جا الزام جاچ کانپوءِ جيڪڏهن سچ ثابت ٿين يا ڪوڙا ٻنهي صورتن ۾ ان کي منطقي انجام تائين پهچڻ گهرجي، هن چيو ته حيدرآباد شهر جي لاءِ اڳوڻي وزيراعظم محمد نواز شريف جيڪي اعلان ڪيا هئا وزيراعظم شاهد خاقان عباسي اسان کي اهي واعدا پورا ڪرڻ جي خاطري ڪرائي.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو