سينيٽ جي فنڪشنل ڪميٽي جو اجلاس

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 17اگست 2016ء) سينيٽ جي فنڪشنل ڪميٽي گئس انفراسٽرڪچر ڊولپمينٽ سيس بل 2015ع تي عملدرآمد جي نگراني جي لاءِ قانونسازي ۾ موجود خامين کي فوري طور تي ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. ڪميٽي جو اجلاس ڪالهه اربع ڏينهن هتي سينيٽر الياس بلور جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ڪميٽي پنهنجون سفارشون بل ۾ شامل ڪرڻ بابت پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن واري وزارت جي موقف تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ۽ سفارش ڪئي ته ان بل کي مختلف شعبن تائين محدود هجڻ گهرجي، سمورا شعبا سيس ادا ڪرڻ جي لاءِ تيار آهن پر اهو منصفاڻو هجڻ گهرجي. پيٽروليم واري وزارت جي عملدارن موقف اختيار ڪيو ته جي آءِ ڊي سي ايڪٽ 2015ع پارليامينٽ منظور ڪيو آهي ۽ ان ۾ چيو ويو آهي ته جي آءِ ڊي سي ايڪٽ 2011ع ۽ جي آءِ ڊي سي آرڊيننس 2014ع تحت ڪمپني پاران جمع ڪيل سيس قانوني حيثيت رکي ٿو.

ڪميٽي کي ٻڌايو ويو ته اعليٰ عدليه جي حڪمن موجب پارليامينٽ ذريعي ايڪٽ ۾ ترميمون ڪيون وينديون. اجلاس ۾ ڪميٽي جي ميمبرن ليفٽيننٽ جنرل (ر)عبدالقيوم، پروفيسر ساجد مير، سليم مانڊوي والا، محسن عزيز، هلال الرحمان، سعيدالحسن مندوخيل ۽ محمد حسن لغاري کانسواءِ پيٽروليم ۽ قدرتي وسيلن واري وزارت جي آفيسرن شرڪت ڪئي.16:47

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو