وفاق جي انتظام هيٺ قبائلي علائقن ۾ احتساب جي حوالي سان سموريون ذميواريون پوليٽيڪل ايجنٽس سرانجام ڏين ٿا: قومي اسيمبلي کي آگاهي

اسلام آباد (پاکستان نیوز پوائنٹ 17اگست 2016ء) قومي اسيمبلي کي ٻڌايو ويو ته وفاق جي انتظام هيٺ قبائلي علائقن ۾ احتساب جي حوالي سان سموريون ذميواريون پوليٽيڪل ايجنٽس سرانجام ڏين ٿا، انهن علائقن ۾ نيب يا ٻين ادارن جو دائرو نه آهي. ڪالهه اربع ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ قيصر جمال جي فاٽا ۾ بدعنواني بابت ڌيان ڇڪايو نوٽيس جو جواب ڏيندي پارلياماني سيڪريٽري شاهين شفيق چيو ته فاٽا ۾ نيب ۽ ٻيا احتساب جا ادارا نه آهن، اتي سموروانتظامي ڪردار پوليٽيڪل ايجنٽس جو آهي.

قيصر جمال چيو ته نيب جي دائري کي فاٽا تائين وڌايو وڃي ۽ جيڪا ڪميٽي قائم ڪئي پئي وڃي ان ۾ ان مسئلي کي رکيو وڃي. پارلياماني سيڪريٽري چيو ته فاٽا جي سڌارن بابت ڪميٽي قائم ٿي چڪي آهي، سرتاج عزيز ان جو سربراهه آهي.

گوگل پلس واٽس ايپ تي شيئر ڪريو

وڌيڪ مضمون